ٽنڊو جان محمد: آل پاڪستان سماجي تنظيم پاران صحت کاتي جي آفيسرن خلاف احتجاج

آل پاڪستان سماجي تنظيم پاران  ڊي ايڇ او ۽ ڊپٽي ڊي ايڇ او جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ،  مرڪزي اڳواڻ علي احمد جروار،رمضان علي جروار ۽ پپو جروار جي اڳواڻي ۾ ٽنڊو جان محمد ميڊيا سينٽر تي احتجاج ڪندي اڳواڻن  الزام هنيو ته ڊي ايڇ او يار علي جمالي ۽ ڊپٽي ڊي ايڇ او امينا بروھي ڪرپشن جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن ۽ هو صحت کاتي جي ملازمن ۽ ڊاڪٽرياڻين کي هراسان ۽ پريشاني ڪري رهيا آهن ، هنن ٻڌايو ته انهن جي آزار کان گذريل رات ڊاڪٽرياڻي فوزيا ارباب زرداري پاڻ ساڙڻ جو اعلان ڪري چڪي آهي ،هنن چتاءُ ڏنو ته جيستائين ضلعي شھيد بينظير آباد مان ڪرپٽ آفيسرن کي معطل نٿو ڪيو وڃي تيسيتائين انهن جو احتجاج جاري رهندو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.