سون جي خريدارن لاءِ خوشخبري، اگهن ۾ وڏي لاٿ اچي وئي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) عالمي ۽ مقامي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت ۾ اوچتو لاٿ اچي وئي.

عالمي بلين مارڪيٽ ۾ في اونس 24 قيراط سون جي قيمت 39 ڊالرن جي گهٽتائي سان 1916 ڊالر جي سطح تي پهچڻ جي ڪري مقامي صرافا مارڪيٽن ۾ خميس تي في تولي ۽ في 10 گرام سون جي اگهن ۾ اوچتو وڏي لاٿ اچي وئي.

عالمي سطح تي سون جا اگهه ڪِرڻ سبب مقامي سونارا مارڪيٽ ۾ في تولي سون جي قيمت ۾ 1300 رپيا ۽ في 10 گرام سون جو اگهه 1115 رپيا گهٽ ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ملتان، لاهور، فيصل آباد، اسلام آباد، راولپنڊي، پشاور ۽ ڪوئيٽا جي سونارا مارڪيٽن ۾ في تولي سون جي قيمت گهٽجي 115300 رپيا ۽ في 10 گرام سون جي قيمت گهٽجي 98851 رپيا ٿي وئي آهي.

بلين مارڪيٽ جي نمائندن جو چوڻ آهي ته دبئي گولڊ مارڪيٽ جي ڀيٽ ۾ پاڪستان مارڪيٽ ۾ خميس تي في تولي سون جي قيمت 3000 رپيا گهٽ رهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.