”ڀارت اندرين مسئلن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ پاڪستان خلاف پروپيگنڊه پيو ڪري“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان زاهد حفيظ چوڌري چيو آهي ته ڀارت اندرين ڏڦيڙ تان ڌيان هٽائڻ لاءِ خطي ۾ بدامني پکيڙي رهيو آهي.

پرڏيهي کاتي اسلام آباد ۾ هفتيوار پريس بريفنگ دوران زاهد حفيظ چوڌري چيو ته ڀارت اندرين ڏڦيڙ تان ڌيان هٽائڻ لاءِ خطي ۾ بدامني پکيڙي رهيو آهي، ڀارت والاريل ڪشمير کي جيل بڻائي ڇڏيو آهي ۽ گڏيل قومن جي ٺهرائن جي ڀڃڪڙي رهيو آهي، ڀارتي فوج ڪشميرين جي نسل ڪشي ۾ مصروف آهي، ڀارت ڊسمبر ۾ 3 ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪيو، پاڪستان ڪشميرين جي حق خوداراديت تائين انهن جي حمايت جاري رکندو، پاڪستان ڀارت کان والاريل ڪشمير جي اڳواڻن جي آزادي جو مطالبو ڪري ٿو، وزير اعظم عمران خان ڪشمير جو آواز هر فورم تي اٿاري ٿو، هر ڀيري عالمي برادري کان ڀارتي ظلمن نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ورجائيندو آهي.

هن چيو ته ڪرڪ ۾ مندر ڊاهڻ خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي وئي، سرڪار ان ايف آءِ آر ۾ مدعي آهي جنهن سان هن جي اقليتن جي حوالي سان پاليسي جو عڪس ظاهر ٿئي ٿو، ڀارتي اندريون دٻاءُ گهٽ ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي خلاف گندي پروپيگنڊه ڪندو رهيو آهي، ڀارت پاڻ رياست طور پنهنجي اقليتن سان امتيازي سلوڪ پيو ڪري، هو ان حيثيت ۾ ناهي جو ڪنهن جاءِ ڳالهائي سگهي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگردن جي مالي سهڪار، تربيت، منصوبابندي ۽ آپريشنز ۾ سهڪار فراهم ڪري رهيو آهي پر پاڪستان جا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڀارتي تخريبڪاري کي جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهن، اسان ڀارت کي ڪوڙ جو جواب سچ سان ڏينداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.