مچ سانحو: ملڪ جي مختلف حصن ۾ پنجين ڏينهن به ڌرڻا، ڪوئيٽا ۾ شٽر ڊائون هڙتال

ڪوئيٽا/ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ مچ سانحي خلاف مظاهرو ڪندڙن جو ڌرڻو جاري آهي جڏهن ته ڪوئيٽا ۾ مڪمل شٽرڊائون هڙتال آهي.

ڪوئيٽا جي اولهه باءِ پاس تي هزاره برادري جو لاشن سان گڏ ڌرڻو پنجين ڏينهن به جاري رهيو.

سخت سيءَ باوجود احتجاجي ڌرڻي ۾ عورتون، ٻار ۽ بزرگ شامل آهن، ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙن چيو ته جيستائين وزير اعظم احتجاجي ڌرڻي ۾ نٿو اچي ميتن سان گڏ ڌرڻو جاري رهندو.

ڪوئيٽا ۾ سمورا ننڍا وڏا واپاري مرڪز بند ڪيا ويا آهن. انجمن تاجران جو ان بابت چوڻ آهي ته شهيدن جي وارثن سان مڪمل ٻڌي جو اظهار ڪيون ٿا، حڪومت امن امان جي قيام ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي.

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ مچ سانحي جي خلاف احتجاجي ڌرڻو جاري آهي. عائشه منزل، پاور هائوس چورنگي، نمائش چورنگي، نيو رضويه، سفورا چورنگي ۽ ڪامران تي ڌرڻا جاري آهن، ڌرڻي جي ڪري اسٽار گيٽ، ملير 15، ناٿا خان پل ۽ نيپا پل ٽريفڪ جي لاءِ بند آهي. جڏهن ته مچ سانحي جي خلاف حيدرآباد ۽ خيرپور سميت مختلف شهرن ۾ به ڌرڻا جاري آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.