پاڪستان جو گائيڊڊ ملٽي لانچ راڪيٽ سسٽم فتح ون جو ڪامياب تجربو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان دشمن جي علائقي ۾ پري تائين هدف کي نشانو بڻائيند  گائيڊڊ ملٽي لانچ راڪيٽ سسٽم فتح ون جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب پاڪستان گائيڊڊ ملٽي لانچ راڪيٽ سسٽم فتح ون جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي، ملڪي طور تي تيار ڪيل فتح ون گائيڊڊ ملٽي لانچ راڪيٽ سسٽم 140 ڪلو ميٽر جي فاصلي تائين روايتي هٿيار کڻي وڃڻ جي صلاحيت رکي ٿو.

پاڪ فوج جي ترجمان موجب فتح ون ملٽي لانچ راڪيٽ ويپن سسٽم سان پاڪ فوج جي دشمن جي ٿاڪن کي پري تائين نشانو بڻائي جي صلاحيت ۾ وڌيڪ واڌ ٿي آهي.

ملڪ جي صدر ڊاڪٽر عارف علوي، وزير اعظم عمران خان، جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي ليفٽيننٽ جنرل نديم رضا ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ڪامياب تجربي تي سائنسدانن ۽ جوانن کي واڌايون ڏنيون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.