آمريڪي ڪانگريس جو بائيڊن جي صدارتي چونڊن ۾ فتح جي منظوري ڏئي ڇڏي

 

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ڪانگريس ڊموڪريٽڪ سياستدان جو بائيڊن جي نومبر جي صدارتي چونڊن ۾ ڪاميابي جي باقاعدي طور منظوري ڏئي ڇڏي.

ڪانگريس اها منظوري اڄ خميس ڏينهن علي الصبح ڏني.

ان سلسلي ۾ ڪانگريس جي ٻنهي ايوانن جي گڏيل اجلاس جي صدارت موجوده نائب صدر مائيڪ پينس ڪئي.

ڪانگريس ميمبرن جو بائيڊن جي ڪاميابي جي 232 جي ڀيٽ ۾ 306 ووٽن جي اڪثريت سان منظوري ڏني.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.