وزيراعظم جي صدارت هيٺ مچ سانحي تي اهم اجلاس

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ مچ سانحي تي اهم مشاورتي اجلاس ٿيو آهي، جنهن ۾ وزيراعظم جي امڪاني طور ڪوئيٽا روانگي تي بريفنگ ڏني وئي.

اجلاس ۾ تحريڪ انصاف جي وفاقي وزيرن ۽ سينيئر اڳواڻن شرڪت ڪئي، جتي وزيراعظم کي مچ سانحي سميت ملڪي سيڪيورٽي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي ۽ وزيراعظم جي ڪوئيٽا دوري تي به مشاورت ڪئي وئي.

ذريعن موجب اجلاس کي مچ سانحي جي هيل تائين جاچ جي حوالي سان به بريفنگ ڏني وئي ۽ متاثرن کي معاوضي جي ادائيگي تي به غور ڪيو ويو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اڃا تائين وزيراعظم جي ڪوئيٽا روانگي جي حوالي سان ڪو حتمي فيصلو ناهي ٿيو، ممڪن آهي ته سيڪيورٽي خدشن سبب سندس روانگي جو وقت ڳجهو رکيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.