ڪورونا سبب وڌيڪ 50 ڄڻا فوت، 2 هزار کان وڌيڪ مثبت ڪيس رپورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب هڪ ڏينهن اندر 50 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته 2 هزار کان وڌيڪ مثبت ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 40 هزار 509 ڪورونا وائرس جون ٽيسٽون ڪيون ويون، جنهن کان پوءِ گڏيل ڪووڊ-19 ٽيسٽن جو انگ 69 لک 64 هزار 337 ٿي ويو آهي.

ڪورونا جي مريضن جو انگ:

گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ وڌيڪ 2 هزار 482 مثبت ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، اهڙي طرح پاڪستان ۾ ڪورونا جي تصديقي مريضن جو انگ 4 لک 95 هزار 750 ٿي ويو آهي.

سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت تائين سنڌ ۾ 2 لک 21 هزار 734، پنجاب ۾ 1 لک 42 هزار 835، خيبرپختونخواهه ۾ 60 هزار 229، اسلام آباد ۾ 38 هزار 687، بلوچستان ۾ 18 هزار 300، آزاد ڪشمير ۾ 8 هزار 416 ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 784 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي.

ڪورونا جي مريضن جو انگ:

سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال مريضن جو انگ 34 هزار 490 ٿي ويو آهي. جڏهن ته 2 هزار کان وڌيڪ مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

ڪورونا سبب فوت ٿيلن جو انگ:

گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ هاڻ ان وبا سبب فوت ٿيلن جو گڏيل انگ 10 هزار 511 ٿي ويو آهي.

صحتياب مريضن جو انگ:

اين سي او سي موجب ڪورونا سبب هڪ ڏينهن ۾ 2 هزار 122 مريض صحتياب ٿيا جنهن کان پوءِ صحتياب ٿيندڙ مريضن جو انگ 4 لک 50 هزار 515 ٿي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.