تلھار :ڳوٺ پھاڙ لغاري ۾ ڪولھي برادري جي گھرن کي باهه ، الهه تلهه سڙي رک

تلھار ويجھو رات دير سان ڳوٺ پھاڙ لغاري ۾ ڪولھي برادري جي گھرن کي باھه لڳڻ سبب سمورو الهه تلهه سڙي رک ٿي  ويو جڏهن ته تلھار فائربرگيڊ عملي بروقت ڳوٽ پھاڙ لغاري پھچي باھه کي وڌيڪ پکڙجڻ کان روڪي ورتو ، متاثر  ڪولھي برادري جي عورتن ۽  مردن ڪرشن ڪولھي،ڌرمو ڪولھي،بيني،باري، پرمي،سوڍي ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته بااثر زميندار اقبال ميمڻ، عبدالڪريم ميمڻ ۽ وڪيو ميمڻ کين لڏائڻ لاءِ مختلف طريقن سان پريشان ڪري رھيا آھن، هنن الزام هنيو ته انهن سندن گهرن کي باهه ڏياري آهي، هنن مطالبو ڪيو ته ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انهن کي تحفظ ۽ رهڻ لاءِ اجهو ڏنو وڃي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.