سکر بئراج ۽ ان مان نڪرندڙ ڪئنالن جي صفائي لاءِ سالياني وارا بندي شروع

سکر بئراج ۽ ان مان نڪرندڙ نارا ڪئنال، خيرپور ايسٽ ڪئنال، خيرپور ويسٽ ڪئنال، روهڙي ڪئنال، کيرٿر ڪئنال، رائيس ڪئنال، دادو ڪئنال جي سالياني صفائي ۽ بئراج جي مرمت لاءِ آبپاشي کاتي سکر پاران وارا بندي شروع ڪئي وئي آهي. وارا بندي 20 جنوري تائين جاري رهندي. هر سال جنوري ۾  سکر بئراج جي ضروري صفائي ۽ مرمت لاءِ ڪئنالن جا گيٽ بند ڪري بئراج جي پاڻي کي ڪوٽڙي طرف ڇوڙ ڪيو ويندو آهي. 20 جنوري تائين بئراج جي صفائي ۽ مرمتي ڪم جاري رھندو ،  سکر بئراج ۽ ان مان نڪرندڙ ڪئنالن جي سالياني صفائي ۽ مرمت شروع ٿيڻ سبب سکر، روهڙي سميت مختلف شهرن ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بحران پيدا ٿي ويو. آبپاشي کاتي جي انتظاميا پاران سکر ۽ روهڙي جي انتظاميا کي پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ جي حوالي سان آگاهه ڪرڻ باوجود انتظاميا ڪي به اپاءُ نه ورتا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.