مچ سانحي خلاف مختلف تنظيمن پاران سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مظاهرا ،ڌرڻا

مچ  سانحي جي خلاف مختلف تنظيمن پاران سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اڄ به احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، ۽ قاتلن جي  فوري گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويو، حيدرآباد ۾مختلف شيعا تنظيمن پاران حيدرآباد ٽنڊو محمد خان روڊ روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ، جنهن سبب مختلف شهرن ڏانهن ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ڪوٽڙي ۾ شيعا علما ڪائونسل پاران احتجاجي ريلي ڪڍي اسٽيشن روڊ تي ڌرڻو ھڻي سخت نعاري بازي ڪئي وئي ، ان موقعي تي اڳواڻن شڪيل رضا حيدري ـ قربان علي ـ عقيل صديقي ۽ ٻين چيو ته جيستائين قاتل گرفتار نه ٿيندا احتجاج جاري رھندو ، نوابشاھ  پريس ڪلب ٻاھران  مجلس وحد المسمين پاران مظاهرو ڪري روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو ، اڳواڻن مولانا مختيار امامي ،سجاد محسني ،سيد ظفر علي شاهه ، صادق شاهه ۽ ٻين قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ، ٻئي پاسي سول سوسائٽي ۽ سوشل ميڊيا تنظيم نوابشاهه پاران سلمان ڪيريو، حسنين عباسي، شاھزيب عالماڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، جھول ۾ شيعا علماء ڪائونسل جي قائد علامه ساجد علي نقوي جي سڏ تي احتجاج ڪيو ويو،  اڳواڻن علاما  شاهد حسين مشهدي، برڪت علي جلالاڻي، زاهد حسين فائزي، بابر علي قريشي جي اڳواڻي ۾سانگهڙ وايه حيدرآباد روڊ بلاڪ ڪري امام بارگاهه اصغريه ڀرسان مين روڊ تي ڌرڻو  هنيو ،مٺياڻي ۾ شيعا علما ڪائونسل پاران الطاف حسين ۔ مولانا حب علي چانڊيو ۔ معشوق کوسو  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو،

ميروخان ۾ شيعا علماء ڪائونسل جي سڏ تي سوين ماڻهن طرفان احتجاج ڪيو ويو ۽  صابر حسين وڌو ۔سجاد حسين لاشاري سردار مقبول احمد وڌو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.