توانائي بابت وزيراعظم جي خاص مددگار تابش گوهر استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي توانائي بابت خاص مددگار تابش گوهر استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.

ذريعن موجب تابش گوهر آءِ پي پيز سان ڳالهين ۾ سخت موقف اختيار ڪيو هو ۽ هن آءِ پي پيز کي واڌو ادائيگين جا پئسا واپس ڪرائڻ پئي چاهيا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته تابش گوهر توانائي شعبي ۾ اهم ڪردار نه ملڻ تي به دلبرداشته هو ۽ هن پنهنجي استعيفيٰ واٽس ايپ ذريعي موڪلي.

واضح رهي ته تابش گوهر 7 سالن تائين ڪي اليڪٽرڪ جو چيئرمين ۽ سي اي او رهيو، وزيراعظم ڊسمبر ۾ کيس پنهنجو خاص مددگار مقرر ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.