ٽرمپ جي حامين جي آمريڪي ڪانگريس جي عمارت تي ڪاهه، 4 ڄڻا مارجي ويا

 

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) واشنگٽن ۾ ريپبلڪن صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي سوين حامين ملڪي ڪانگريس جي ڪيپيٽل هل چئي ويندڙ عمارت تي حملو ڪري ڇڏيو.

اهي مڇريل ماڻهو مقامي وقت موجب اربع جي ٽيپهري مهل ان موقعي تي عمارت ۾ داخل ٿيا، جڏهن اتي ڪانگريس جو اجلاس جاري هو.

ان اجلاس ۾ ايوان جي نمائندن ۽ سينيٽ طرفان ايندڙ آمريڪي صدر جو بائيڊن جي چونڊ جي تصديق ٿيڻي هئي.

پوليس موجب پارلياماني عمارت ۾ بدامني دوران 4 ڄڻا مارجي ويا، انهن مان هڪ شخص گولي لڳڻ سبب مارجي ويو، جڏهن ته باقي ٽن جي موت جو ڪارڻ ميڊيڪل ايمرجنسي ٻڌائي وئي آهي.

ان بدامني ۾ ملوث 52 ڄڻن کي گرفتار پڻ ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.