سکر ۾ پوليس واري جو بئنڪ عملي خلاف احتجاج

سکر( رپورٽر) سکر پوليس بينڊ جي سب انسپيڪٽر زاهد حسين منگي سکر پريس ڪلب پهچي دانهيندي ٻڌايو آهي ته 8 مهينا اڳ هن بينڪ کان لون وٺڻ لاءِ سموريون ضروري ڪاروايون پوريون ڪيون آهن، پر تنهن باوجود نيشنل بينڪ ڪلاڪ ٽاور جو عملو کيس لون ناهي ڏئي رهيو، لون ڏيڻ جي مد ۾ رشوت گھري پئي وڃي. ڪيترائي ڀيرا بينڪ جي اعليٰ عملدارن کي شڪايت ڪرڻ باوجود لون جي رقم نه پئي ڏني وڃي، هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته بينڪ عملي خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.