نوابشاهه ۾ سماجي اڳواڻن جو ڊي ايڇ او خلاف احتجاج

نوابشاهه (ڊ ر ) آل پاڪستان سماجي تنظيم جي اڳواڻن راشد علي زرداري، منظور علي اڄڻ، فوٽو خان چانڊيو ۽ صحت کاتي جي ملازم فوزيه رسول اعواڻ نوابشاهه پريس ڪلب اڳيان ڊي ايچ او ڊاڪٽر يار علي جمالي ڊپٽي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر امينا بروهي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک ھڙتال ڪئي وئي جتي فوزيه رسول اعواڻ ۽ ٻين چيو ته ڊاڪٽر امينه بروهي ۽ ڊي ايڇ او ڪرپشن ڪري رھيا آھن جنھن کي فوري طور تي ھٽايو وڃي، ھنن چيو ته ننڍن ملازمن کي بلاجواز تنگ ڪيو ٿو وڃي ۽ ٻه ٻه ھزار روپيا رشوت ورتي وڃي ٿي، ھنن چيو ته جيڪڏهن اسان جا مطالبا منظور نه ڪيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو جنھن جي ذميواري اي ڊي ايڇ او تي ھوندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.