قمبر ۾ ڳوٺاڻن جو پلاٽ تي قبضي خلاف احتجاج

قمبر(ڊ ر) قمبر جي ڳوٺ لشڪري ۾ ڳوٺاڻن جي آرائش واري پلاٽ تي قبضي خلاف ڳوٺاڻي ماجد حسين چانڊيو اينٽي انڪروچمنٽ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي ته جوابدارن حاجن علي چانڊيو، سلطان احمد، غلام محمد ۽ ٻين پلاٽ تي ناجائز قبضو ڪيو آهي جنهن جو اينٽي انڪروچمنٽ ٽريوبنل جي جج حيدر عباس گاد واسطيدارن جي رپورٽ اچڻ بعد پلاٽ تان قبضو ختم ڪرڻ جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو جنهن بعد مختيار ڪار قمبر اينٽي انڪروچمنٽ فورس ۽ عملدارن کي اهڙو حڪم جاري ڪري ڇڏيو ته ويهن ڏينهن اندر پلاٽ تان قبضو ختم ڪرائي ايريگيشن عملدارن جي حوالي ڪري رپورٽ ڏني وڃي،،،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.