وفاقي حڪومت سنڌ کي ڪجهه ناهي ڏنو:يوسف بلوچ

گلشن اقبال (ن ع آ ) وفاقي حڪومت جي غلط پاليسين سبب ملڪ جو عوام بيروزگار ٿي رهيو آهي تبديلي پسندن جي وفاقي سرڪار عوام کي ڪجهه به ناهي ڏنو ڪراچي سميت سڄي سنڌ کي نظرانداز ڪيو ويو آهي ڪراچي پيڪيج جي نالي تي عوام کي بيوقوف ڪيو ويو ارڙهين ترميم صوبن کي مڪمل بااختيار ڪيو ويو آهي ڪراچي جون روشنيون پيپلزپارٽي بحال ڪري ترقياتي اسڪيمن جو ڄار وڇايو آهي 16 فيبروري پي ايس 88 جي ضمني اليڪشن ۾ پيپلزپارٽي جي ڪاميابي يقيني آهي اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان پيپلزپارٽي پي ايس 88 جي اميدوار يوسف بلوچ ميمڻ ڳوٺ ڀٽائي آباد سعدي ٽائون جي دورن دوران عوام سان ڳالهائيندي ڪيو پيپلزپارٽي جي اميدوار يوسف بلوچ وڌيڪ چيو ته پي ايس   88 ۾ 16 فيبروري تي ضمني اليڪشن ۾ ڪاميابي پيپلزپارٽي جي يقيني آهي يوسف بلوچ چيو آهي ته وفاقي حڪومت جي تبديلي پسند سرڪار عوام کي ڪجهه به ناهي ڏنو.  خاص طور تي سنڌ کي نظرانداز ڪيو آهي وفاقي حڪومت ڪراچي پيڪيج جي نالي ۾ عوام کي بيوقوف ڪيو 16 فيبروري تي پي ايس 88 جو عوام تبديلي پسندن کي رد ڪري ڇڏيندو يوسف بلوچ وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ سميت ملڪ جي ترقيءَ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي هن چيو ته ڪراچي جي ٻهراڙين جي ترقيءَ لاءِ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاھ ڏينهن رات جدوجهد ڪري رهيو آهي اسان پيپلز پارٽي جا ڪارڪن آهيون پي ايس 88 جي شهري توڙي ٻهراڙيء  علائقن جي ترقيءَ لا۽ ڪم رهيا آهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.