ڊگهڙي پريس ڪلب جي نئين چونڊيل باڊي کي مبارڪباد ڏيڻ جو سلسلو جاري

ڊگهڙي (ن ع آ) پريس ڪلب ڊگهڙي جي نئين چونڊيل باڊي کي مبارڪباد ڏيڻ جو سلسلو جاري رهيو، ڊي ايس پي ڊگهڙي ميرآفتاب ٽالپر،ايس ايڇ او ڊگھڙي آفتاب رند،سنڌ آبادگار اتحاد جو ضلعي صدر چوڌري سيف الله گل، تعلقي صدر ڪاشف اڪبر جوڻيجو، وجاهت حبيب مهر، ڪامران شبير، ايڪسائز کاتي جا مير انور ٽالپر، وينجهراج، ڪوٽ غلام محمد جا صحافي غلام حسين قائمخاني، علي غلام کوسو، ڊاڪٽر بابر چانگ، غلام محمد نوحاڻي، شوڪت نوحاڻي ۽ گل بهار خاصخيلي سميت مختلف سياسي سماجي اڳواڻ وڏي انگ ۾ پهتا.  مبارڪباد ڏيڻ لاءِ ايندڙ اڳواڻن جو چوڻ هو ته نئين چونڊيل باڊي عوامي مسئلن جي نشاندهي ڪندا.

نئون ڪوٽ پريس ڪلب جو هنگامي اجلاس، سوشل ميڊيا تي ڪردار ڪشي جي مذمت، تحفظ جو مطالبو

نئون ڪوٽ (ن ع آ) نئون ڪوٽ پريس ڪلب جو ھنگامي اجلاس سينئر صحافي زاھد مغل جي اڳواڻي ۾ ٿي گذريو. اجلاس ۾ پريس ڪلب نئون ڪوٽ جي صحافي عمر ساگر لاشاري، معشوق علي نھڙي، اڪرم چانڊيو، سنتوش ميڳھواڙ ،عبدالرشيد شورو، سيد محمد شاھه، عظيم راجپوت، سـرمـد لاشاري، خضر مغل ۽ ٻين شرڪت ڪئي.  اجلاس ۾ ٽالھي  پريس ڪلب جي جنرل سڪيريٽري غلام مرتضي آرائين، جي پي ٽي آءِ ورڪر ڀارمل ڪولھي طرفان شوشل ميڊيا تي گھٽيا لفظ ڳالھائي ڪردار ڪشي ڪرڻ جي مذمت ڪئي ۽ مطالبو ڪيو ته پي ٽي آءِ ورڪر خلاف سائبر ڪرائم تحت ڪيس داخل ڪري صحافي کي تحفظ ڏنو وڃي.

ماتلي ساس جو سالانه چونڊ، سڪندر شاهه سيڪريٽري ٿي ويو

ماتلي ( ن ع آ ) سنڌي ادبي سنگت ماتلي جي سالانه چونڊ لاءِ گڏجاڻي ضلعي رابطه سيڪريٽري مسافر هاليپوٽو جي صدارت هيٺ ٿي، جنهن ۾ سيڪريٽري سڪندر شاهه، ڪائونسلر بيوس نظاماڻي، جوائنٽ سيڪريٽري گلزاري لعل شاد، آڊيٽر جاويد اختر، خزانچي يونس رستماڻي، ڪاروباري ڪميٽي جا ميمبر مير مرڪ، طارق توڪل، تاج سنڌي،  نورل واڍو،  مقبول مارو ميمڻ ۽ غلام قادر منتظر چانگ چونڊيا ويا.

خيرپور  ۾ مريضن جي وارثن جو ميڊيڪل اسٽورن بند ٿيڻ خلاف احتجاج

خيرپور ( ڊ ر ) سول اسپتال خيرپور جي مريضن جي وارثن علي احمد ، محمد علي ، گلاب ۽ ٻين صحافين وٽ پهچي ٻڌايو ته پيپلزفارميسي تحت سنڌ جي سرڪاري اسپتالن جي حدن ۾ ميڊيڪل اسٽور رات ڏينهن جو کولڻ جو منصوبو جوڙيو ويو جنهن تحت مختلف ماڻهن کي اهڙا ميڊيڪل اسٽور کولڻ جي اجازت ڏئي انهن کان قسم نامو ورتو ويو هو ته اهي ميڊيڪل اسٽورن جا مالڪ ميڊيڪل اسٽور 24 ڪلاڪ ميڊيڪل اسٽور کولڻ جا پابند رهندا جڏهن ته سول اسپتال خيرپور جي مين گيٽ وٽ فارميسي تحت ميڊيڪل اسٽورانتظاميا جي نااهلي سبب  مير محمد شيخ جيڪو رات جي 11 بجي کان اڳ بند ڪري ٿو ڇڏي هنن چيو ته رات جي دير سان ايمرجنسي جي بنياد تي اسان  کي دوا کپي ٿي ته ميڊيڪل اسٽور بند هجڻ جي ڪري اسان جا مريض ترپي تڙپي مري وڃن ٿا . يا وري مريضن کي ڪنهن ٻئي هنڌ ڏانهن کڻائي وڃو ٿا ميڊيڪل اسٽور بند هجڻ جي ڪري مريض کي سخت تڪليفن سان منهن ڏيڻو ٿو پوي هنن چيو ته انهن ميڊيڪل اسٽورن سان سول اسپتال جي انتظاميا به مليل آهي جنهن جي ڪري هو رات جو 11 بجي ئي ميڊيڪل اسٽور بند ڪري هليا وڃن ٿا هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته سول اسپتال ۾ اندر پيپلزفارميسي تحت کوليل ميڊيڪل اسٽورن جي مالڪن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ مريضن کي رولڙي کان بچايو وڃي

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.