ڌاٻيجي ۾ پورهيتن جو اي سي ساڪرو جي زيادتين خلاف ڌرڻو

ڌاٻيجي (ن ع آ)ڌاٻيجي واٽر بورڊ پمپ هائوس جي پورهيتن جو اي سي ساڪرو سجاد ابڙو  جي زيادتين خلاف مک گيٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڌرڻو نوٽس وٺڻ جو مطالبو خبر موجب گذريل ڏينهن اي ساڪرو سجاد ابڙو اينڪروچمنٽ پوليس سان گڏجي سرڪاري ڪوارٽرن تي غير قانوني طور تي رهندڙ ماڻھو  نالر ماتر  ڪاروائي خلاف ڪاروائي ڪري فوٽو سيشن ڪئي جنهن کانپوءِ گذريل ڏينهن  مقامي پورهيتن پيپلز ليبر يونين جي اڳواڻ معشوق لغاري ،رستم ڪاتيار ،منظور راجا جي اڳواڻي ۾ ڌاٻيجي واٽر بورڊ  پمپ هاوس جي مک گيٽ اڳيان ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي انهي موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهيندي چيو ته گذريل اي سي ساڪرو ۽ اينڪروچمنٽ پوليس بااثرن جي چوڻ تي من پسند ماڻھن جي گهرن تي چاڙهي ڪري مقامي آفيسرن جي گهرن تي حملا ڪري انهن کي هيسايو ويو جيڪو قابل مذمت جوڳو عمل آھي، هنن وڌيڪ ٻڌايو ته گذريل 25ورهين کان سوين جي تعداد ۾  بااثر ٻاهريان ماڻھو واٽربورڊ جي سرڪاري ڪوارٽرن تي قابض ٿيا ويٺا جن کي بجلي پاڻي سميت سڀ بنيادي سهولتون ڏنيون ويون آھين جيڪا سراسر ناانصافي آھي جيڪڏھن اي سي ساڪرو بااثرن جا گهر خالي نه ڪرايا ته واٽر بورڊ جي مک گيٽ اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو ذريعن موجب گذريل 30سالن کان واٽر بورڊ جي مقامي انتظاميا ٻاهرين ماڻھن کي وڏي رشوت سرڪاري گهر ڏنا ن کي سرڪار جي بجلي گئس پاڻي سميت سڀئي بنيادي سهولتون ڏئي ڪري جتان ماهوار لکين روپيا وصول ڪيا ويندا هئا .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.