ڀٽ شاهه ۾ ف ليگ اڳواڻ جي سالگره تقريب

ڀٽ شاهه (ن ع آ ) مسلم ليگ فنڪشنل جي اڳواڻ نصيراحمد ميمڻ جي سالگره جي تقريب ملهائي جنهن ۾ ضلعي ڀر سان تعلق رکندڙ پيپلز پارٽي کان علاوه سمورين سياسي، سماجي مذهبي، علمي، ادبي،، شهري، صحافي تنظيمن جي اڳواڻن تمام وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. سالگرہ جو ڪيڪ ڪاٽڻ واري تقريب ۾ سيد امداد شاهه،سيد تراب علي شاھ، منظور خاصخيلي، وحيد ساگر ميمڻ، عامر رضا ميمڻ،محمد موسا سيال،رحمت الله ٻلال، مصري انڙ، فقير محمد لاکو، عبدالشڪور ناز خاصخيلي، عبدالرشيدڏيٿو، سردار اياز ميمڻ ، صحافين رجب بوزدار ، نوشاد ٻگهيو ، الطاف ميمڻ ، عبدالغفور ميمڻ ، نديم مڱريو ، امير بليدي ۽ ٻين سالگرہ تقريب ۾ شرڪت ڪئي مختلف سياسي جماعتن جي اڳواڻن جنهن ۾ مسلم ليگ ن، جماعت اسلامي، جي يو آء، جسقم، ايس يو پي ، عوامي اتحاد، سنڌ پروگريسو الائنس، سنڌ سڪار،شهري اتحاد، ميمڻ اتحاد جي اڳواڻن تقريب کي خطاب ڪندي چيو تہ نصير احمد ميمڻ هالا سميت پوري ضلعي مٽياري ۾ عوامي مسئلن کي اٿاريندي عوام کي سياسي شعور ڏيندي عوام ۾ جيڪا سياسي سجاڳي ڏني آهي اها ڪنهن کان به لڪيل ناهي، هنن چيو ته نصير احمد ميمڻ ۽ سندس وڏي ڀاءُ اڳوڻي ڊي جي ايف آئي اي بشير احمد ميمڻ جي پاران ڪيل عوامي خدمتن کان متاثر ٿيندي ايندڙ بلدياتي ۽ قومي چونڊن ۾ پيپلزپارٽي مٽياري مخدوم مخالف هڪ مضبوط اتحاد آندو ويندو جيڪو گڏيل اتحاد جي صورت ۾ ضلعي ڀر ۾ پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ اميدوار بيهاريندي مخالفن کي عبرتناڪ شڪست ڏيندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.