پوليس جي اعزاز ۾ شهري اتحاد ڪشمور طرفان عليشا ايوارڊ تقريب

شمور( ڊر ) معصوم عليشا ڪيس ۾ پوليس پاران بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ  ايس ايس پي ڪشمور امجد احمد شيخ، بهادر اي ايس آءِ محمد بخش ٻرڙو ۽ سندس ڌيءُ ريشما ٻرڙو ۽ ٻين اهلڪارن جي اعزاز ۾ شھري اتحاد ڪشمور پاران عليشا ايوارڊ تقريب منعقد ڪرائي وئي، نيو پئنچائتي شادي هال ڪشمور ۾ ٿيل تقريب ۾  سياسي سماجي تنظيمن جي نمائندن معززين علائقي واسين ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب جي موقعي تي شھرين پاران ايس ايس پي ڪشمور امجد شيخ، بهادر اي ايس آءِ محمد بخش ٻرڙو ۽ ٻين پوليس اهلڪارن تي گلن جي ورکا ڪئي کين هار پارايا ويا. ان موقعي تي هڪ معصوم نينگري هٿان ايس ايس پي ڪشمور کي عليشا ايوارڊ ڏياريو ويو. ان موقعي تي ايس ايس پي ڪشمور امجد احمد  شيخ خطاب ڪندي چيو ته عليشا ڪيس سبب جتي پوري قوم ڏکاري  هئي ڏيهه پرڏيهه ۾ رهندڙن عليشا جي درد کي پنهنجو درد سمجهيو پورو سماج ڄڻ ته سڪتي ۾ اچي ويو هو اتي جوبدارن جي تڪڙي گرفتاري ۽ سفاڪ  مک جوابدار رفيق ملڪ جي انجام تائين پهچڻ کان پوءِ ماڻھن ۾ پيدا ٿيل بيچيني واري صورتحال جو خاتمو آيو هن چيو ته ڪشمور ضلعو اغوا جي وارداتن لاءِ انڊسٽري بڻيل هيو هاڻ ڏوهارين جا ٿاڪ تباهه ڪيا ويا آھن. ڏهارين کي هاڻ جرئت به ناهي جو ڪا واردات ڪن  جڏهن ته ٿوري ئي وقت اندر توهان ڏسندا. ان موقعي تي ايس ايس پي ڪشمور امجد شيخ، اي ايس آءِ محمد بخش ٻرڙو سندس نياڻي ريشما ٻرڙو کانسواءِ جوابدار رفيق ملڪ جي گرفتاري ۾ سهولتڪاري جو ڪردار ادا ڪندڙ گمنام سپاهين اي ايس آءِ برڪت ملڪ، پي سي قمر سنجراڻي، پي سي صاحب خان ڊومڪي ۽ پي سي علي بلاول سومرو کي پڻ ايوارڊ ڏنا ويا تقريب جي موقعي تي  شھي اتحاد جي سرواڻ غلام جيلاني منگي، ڊاڪٽر عبدالحئي کوسو، مير اعجاز سولنگي، مير اسرر احمد کوسو،  ڊاڪٽر نوراحمد دايو، افق بشير چنا ۽ ٻين به خطاب ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.