تحقيق ڪيل اعليٰ ڪوالٽي جي ٻج جو استعمال ضروري آھي: مقرر

ڪنري (ت ر) ڪنري ۾ ملن ايگرو سيڊ پاڪستان طرفان مرچن جي اعليٰ ڪوالٽي ۽ وڌيڪ پيداوار ڏيڻ متعلق ھڪ سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنھن ۾ علائقي جي آبادگارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، سمينيار ۾ زرعي ماھرن پاران آيل آبادگارن کي مرچن ۽ ڀاڄين جي فصلن جي اعليٰ ڪوالٽي، وڌيڪ پيداوار ڏيندڙ ٻڄن بابت آگاھي ڏني ۽ پوکائي جا نوان طريقا متعارف ڪرايا جڏھن ته فصلن کي لڳندڙ موسمي مرضن کان بچاءُ بابت پڻ آگاھ ڪيو ويو، سيمينار کي ڪندي ڊائريڪٽر ملن ايگرو سيڊ پاڪستان خالد رشيد، ڊاڪٽر طاھر حسين، عطاالله چانڊيو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته زرعي انقلاب جي لاءِ تحقيق ڪيل اعليٰ ڪوالٽي جي ٻج جو استمعال انتھائي ضروري آھي، ملن سيڊ ڪمپني ڪيئي سالن کان زراعت جي شعبي ۾ پنھنجي خدمت انجام ڏئي رھي آھي. ۽ وقتن به وقتن اعليٰ ڪوالٽي جي ٻج کي ضلعي جي موسمي حالتن ۽ زرعي پاڻي جي کوٽ کي نظر ۾ رکندي مرچ جي اعليٰ ڪوالٽي ۽ وڌيڪ پيداوار حاصل ڪرڻ جي لاءِ ھائبرڊ صنم مرچ جو ٻج متعارف ڪرايو آھي، جنھن جو ٻين ڪمپنين جي مقابلي ۾ گذريل سال ڪافي بھتر نتيجا برآمد ٿيا آھن،  ھنن چيو ته صنم مرچ جي پيداوار جي لاءِ ضروري آھي ته مقامي آبادگار جديد تحقيق کان فائدو حاصل ڪن ته جئين آبادگار پنھنجي پوکيل فصلن کي في ايڪڙ وڌ کان وڌ منافعو حاصل ڪري سگھن، ھنن آبادگارن کي مرچن جي حوالي سان تيار ڪيل زمين، سيڊ، فرٽيلائزر ۽ پيسٽيسائيڊ جي حوالي سان پڻ آگاھ ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.