سوڀوديرو ۾ گندگي، شهري صفائي ڪرڻ تي مجبور، احتجاج

سوڀوديرو ( ن ع آ ) سوڀوديرو شھر جي رھواسين غلام شبير چنا، اسلم علي سھتو،  نثار احمد ملاح، امداد حسين اوٺي، ظھور حسين ڄامڙو، محمد علي چنا،  لاھوتي غلام شبير شيخ، ضمير سھتو ۽ ٻين ميڊيا  اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته سوڀوديرو شھر جو مارڪيٽ لطيف ڪالوني سھتا محلا۔ چنا محلا۔ ڀٽا محلا۔ٻنڊي موٽايو روڊ شاھي بازار عيدگاهه روڊ سومرا محلا، عباسي محلا، ھائيرسيڪنڊري اسڪول، گرلس اسڪول، ايورشائن ڪاليج، برائيٽ فيوچر اسڪول، آءِ آرسي گرلس، سوجھرو ماڊل سميت سڄو شھر گندگي ۽ بدبوءِ  جي ور چڙھيل آھي، شھري پاڻ صفائي ڪرڻ تي مجبور آھن، گندگي جا سموري شھر ۾ ڍير لڳل آھن، ناليون ۽ نالا ابتا وھن پيا، نالين جي پاڻي سبب ڪيترن مسڪينن جا اجھا گھر ڪري پيا آھن، اسان شھرين ڪيترائي دفعا پ پ جي چونڊيل نمائندن ۽ ٽائون انتظاميا اڳيان لکت ۾ درخواستون شڪايتون ڪيون آھن ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار نه آھي، وڏو وزير ۽ نيب چيئرمين نوٽيس وٺي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.