يو نائيٽيڊ ورڪرز طرفان مزدورن جي خدمت تي ڪنيزفاطمه کي خراج تحسين پيش

ڪراچي ( رپورٽر)مزدورن جي 50 سالا خدمت تي ڪنيز فاطمه کي سلام پيش ڪريون ٿا، يو نائيٽيڊ ميونسپل ورڪرز جي بينر هيٺ سمورن مزدورن کي گڏ ڪيو آهي،انهن جون سموريون مشڪلاتون ۽ پريشانيون ختم ڪنداسين، اهڙن خيالن جو اظهار يونائيٽيڊ ميونسپل ورڪرز فيڊريشن جي چيئرمين سيد قاسم شاهه ريٽائر ٿيندڙ ملازمن جي الوداعي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، ان موقعي تي ڊائريڪٽر ويلفيئر جبار ڀٽي، فنانس ايڊوائيزر آفاق سعيد، جاويد مغل.پرويز خان جدون،۽ ٻين خطا ب ڪيو،يونائيٽيڊ ورڪرز يونين جي مرڪزي آفيس ۾ تقريب کي قاسم شاهه ڪنيز فاطمه مزدورن جي خدمتن تي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته اسان ان کي سلام عقيدت پيش ڪيون ٿا،مزدورن جي خدمت ڪرڻ جو طريقو اسان ڪنيز فاطمه کان سکيو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.