ڏوڪري تعلقي جا وڪيل متحد آهن: بشير جوڻيجو

ڏوڪري (ت ر) تعلقي بار ڏوڪري پاران پراڻي باڊي ختم ڪري 23 جنوري تي اليڪشن ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ان ڏس ۾ گذريل ڏينهن ڏوڪري ڪورٽ ۾ تعلقي بار جي آنرري گڏجاڻي صدر بشير احمد ٻگهيو، جنرل سيڪريٽري عبدالوحيد راجپوت جن جي صدارت ۾ ٿي گذري. گڏجاڻي ۾  آصف علي سنديلو، امداد علي جويو، بشير احمد جوڻيجو، قاضي ديدار علي، سيد رياض حسين شاھ، الطاف حسين کوکر، محمد هاشم چانڊيو، عاقب علي جوڻيجو، منير احمد سومرو، جي ايم جويو، عبدالرشيد پٺاڻ، ساجد علي کوکر ۽ ٻين شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ تعلقي بار جي پراڻي باڊي کي ختم ڪري 23 جنوري تي اليڪشن ڪرائڻ جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي تعلقہ بار صدر بشير احمد جوڻيجو گڏجاڻي کي خطاب ڪيو. ندي چيو ته پراڻي باڊي ختم ڪري ڇڏي آهي انشاءِ ﷲ 23 جنوري تي اليڪشن ڪرائي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته آنرري باڊي چونڊ جو شيڊول جاري ڇڏيو آهي 23 جنوري تي تعلقہ بار ڏوڪري جي اليڪشن ڪرائي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته ڏوڪري تعلقي جا وڪيل پاڻ ۾ متحد آهن ۽ هڪ پليٽ فارم تي ڪم ڪري رهيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.