جمس طرفان ڊسمبر 2020 جي ڪارڪرد گي رپورٽ جاري

مبارڪپور (ن ع آ)جيڪب آباد ميڊيڪل انسٽيٽوٽ آف سائنس ۾ مبارڪپور جي 7 پورھيتن کي ڪتي چڪ جون ويڪسين ڪيون ۽ گڏو گڏ پنهجي منٿلي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي جنهن ۾ ھزارن جي تعداد ۾ مريضن جي چڪاس سان گڏو گڏ ڪيتريون ئي مفت آپريشنس ڪيون، جن ۾   سيزرس ۽ جنرل آپريشن 459 ڪيا ويا۔. جيڪب آباد انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (جمس) جيڪب آباد جي ترجمان خالد احمد پاران ڊسمبر  2020 مھيني جي ڪارڪردگي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي 43487 مريضن جي چڪاس ڪري دوائون پڻ ڏنيون ويون۔.  2290 مرضن کي وارڊن ۾ داخل ڪيو ويو۔ جنرل سرجريون 141 ڪيون ويون۔ نارمل ڊليوريون 249، سيزرس 318پڻ ڪيون ويون. جڏھن ته 632 ڊائلاسزپڻ ڪيا ويا۔  الٽراسائونڊ3339 ، ايڪسري 2080 ۽ 855 مريضن جي فزيو ٿراپي پڻ ڪئي وئي. چيسٽ پين جي 664 مريضن کي فرسٽ ايڊ ڏني وئي ۽ 04 مريضن جي انڊو اسڪوپي ڪئي وئي ۽ 49 مريضن جي فائبرو اسڪين ڪئي وئي

هالاڻي جي  ميمڻ نوجوان اتحاد طرفان مچ ڪچهري جو اهتمام

ھالاڻي ( رپورٽر)ھالاڻي  جي ميمڻ نوجوان اتحاد پاران ھالاڻي قاضي فيض  محمد پارڪ ۾ مچ ڪچھري ڪوٺائي ويئي، مچ ڪچھري ۾ صوفياڻي راڳ جي محفل سگھڙ ڪچھري ڏور بيت ٻڌايا ويا ھن مچ ڪچھري م لاڙڪاڻو شڪارپور گھوٽڪي نوابشاھ ۽ نوشھروفيروز جي سگھڙن علي گل گاڏھي،  صوفي فقير منور ابڙو، ميان اسدالله چنو، سگھڙ حاڪم  علي رند، سگھڙ پٺاڻ مھر,  سگھڙ  بشير ڏيٿو، صوفي فنڪار غوث بخش تنيو ،غلام محمد منگي، اسلم ناريجو، سميت سوين ماڻھن  وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ھيءُ محفل سڄي رات جاري رھي ۽ صوفي ڪلامن تي ماڻھن وجد م اچي ويا ان موقعي تي مولودن جي محفل پڻ ٿي جنھن م سنڌ جي نالي وارن نعت خوانن پنھنجون نعتيون ٻڌايون

ڪيٽي بندر ۾ قائد عوام شهيد ذالفقار علي ڀٽو جي 93هين سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو

ڪيٽي بندر (ن ع آ) قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي ، 93،،سالگره جو ڪيڪ پ پ تعلقه گھوڙاٻاڙي صدر محمد رمضان پنهور پاران ضامن هائوس گهوڙاٻاري تي ڪيڪ ڪٽيو ويو، پروگرام ۾ پ پ تعلقي گهوڙاٻاري صدر محمد رمضان پنهور، پ پ تعلقي گهوڙاٻاري انفارميشن سيڪريٽري غلام نبي شيخ، عبدالغفور ابڙو، مير اعجاز ڪپوراڻي، مير وزير علي ٽالپر، حنيف جلباڻي، غلام رسول جلباڻي، محمد خان،  جمن ميمڻ، غلام مصطفيٰ جت، ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته فخر ايشيا اوهان جي عظمت کي سلام آھي. اڄ به اوھان پاڪستان جي هر ننڍي وڏي جي دلين ۾ زنده آهيون. تقريب ۾ پ پ جي عهديدارن ۽ جيالن ورڪرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ڊي سي ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ جي سربراهي ۾ گڏجاڻي، قبضن بابت رپورٽ طلب

ڪنڌڪوٽ (ن ع آ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي حڪم تحت ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ منور علي مٺياڻي جي صدارت هيٺ وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومتن، وزارتن، کاتن، اٿارٽيز، ادارن ۽ ايجنسيز جي زمينن ۽ پلاٽن تي غير قانوني حددخليون ۽ قبضن بابت ڊسٽرڪٽ ڪامپليڪس هال ۾ گڏجاڻي ٿي گذري، گڏجاڻي ۾ وفاقي ۽ صوبائي کاتن ضلعي سربراهن شرڪت ڪئي ۽ پنهنجن پنهنجن کاتن جي حددخليون ۽ قبضن بابت رپورٽ پيش ڪئي.  ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر گڏجاڻي ۾ ڳالهائيندي چيو ته جن کاتن حددخلين ۽ قبضن موجب رپورٽون جمع نه ڪرائيون آهن اهي جلد از جلد پنهنجن کاتن جون حد دخلين ۽ قبضن جون رپوٽون جلد جمع ڪرائن. اجلاس ۾ نه شريڪ ٿيندڙ عملدارن جي خلاف سندس اعليٰ عملدارن کي لکيو ويندو. ٻئي پاسي ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺياڻي، شهر جي حددخلين، 15 سينٽر، عيد گاهه جو دورو ڪري لاڳاپيل عملدارن کي هدايتون جاري ڪيو. ان موقعي تي 15 سينٽر انچارج کي مريض منتقل ڪرڻ واري اسٽيچر پڻ ڏني شهرين جي شڪايت تي نوٽس وٺندي عيد گاهه ۾ ايندڙ گندي پاڻي جي نڪال ۽ صفائي جي عملدارن کي خاص هدايتون. شهر جي ڊسپوزل سينٽر جو جائزو پڻ ورتو پبلڪ هيلٿ عملدارن کي ڊسپوزل سينٽر جي کوهه ۽ بائونڊري وال جي مرمت جي هدايت ڪئي. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر، پبلڪ  هيلٿ،  ميونسپل ۽ انڪروچمينٽ عملدارن ساڻس گڏ موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.