اوٻاوڙو ۾شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگرهه تقريب، ڀيٽا پيش

اوٻاوڙو (ن ع آ)  اوٻاوڙو ۾ سپاف پاران شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 93 سالگرھ جي تقريب ٿي ، ياسر نور ملڪ جي رهائيش گاهه تي منعقد ڪئي وئي.ان موقعي تي پ پ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ڪيڪ پڻ ڪٽيو.تفصيل موجب اوٻاڙو  ياسر نور ملڪ جي رهائيش گاهه تي شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 93 هين سالگره ملهائي وئي جنهن ۾  عامر چارڻ  يا سر ملڪ وسيم عباس مرتضئ چارڻ ،خالق احمد سومرو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن پاران شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگره جو ڪيڪ پڻ گڏجي ڪاٽيو.  , ان موقعي تي سالگره تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته قائد عوام شھيد ذوالفقار علي ڀٽو هڪ انمول شخصيت هو هُن آمر ۽ ڊڪٽيٽر ضياء اڳيان جهڪڻ کان شھادت قبول ڪئي.شھيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان کي ايٽمي قوت ۽ آئين ڏئي وڏا احسان ڪري ويو,شهيد ذوالفقار علي ڀٽو عوامي ليڊر هو کيس اڄ زندھ هجي ها ته ملڪ وڏي ترقي ڪري ها,شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جهڙا عظيم ليڊر هن ديس ۾ صدين بعد جنم وٺندا آهن , اڄ به کيس پوري دنيا شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي محبت سان ياد ڪري ٿي.

جمس جيڪب آباد جي ترجمان پاران گذريل مھيني جي ڪارڪردگي رپورٽ جاري

جيڪب آباد(ڊر) جيڪب آباد جي انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (جمس) جيڪب آباد جي ترجمان خالد احمد سومرو پاران گذريل ڊسمبر  2020 مھيني جي ڪاڪردگي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي جنھن ۾ 145 ڪتي جي چڪ جي مريضن جي وئڪسين ڪئي وئي۔ ان کان سواء 43487 مريضن جي چڪاس ڪري دوائون پڻ ڏنيون ويون۔. 2290 مرضن کي وارڊن ۾ داخل ڪيو ويو جڏهن ته 141جنرل سرجريون ڪيون ويون۔249 نارمل ڊليوريون ڪيون ويون ۽ 318 سيزرس پڻ ڪيون ويون. جڏھن ت 632 ڊائلاسزپڻ ڪيا ويا۔  الٽراسائونڊ3339 ، ايڪسري 2080 ۽ 855 مريضن جي فزيو ٿراپي پڻ ڪئي وئي. چيسٽ پين جي 664 مريضن کي فرسٽ ايڊ ڏني وئي ۽ 04 مريضن جي اينڊو اسڪوپي ڪئي وئي ۽ 49 مريضن جي فائبرو اسڪين ڪئي وئي.

خير محمد آريجا جي معزز شخصيت وڏيرو شير آريجو برادري سميت پيپلز پارٽي ۾ شامل

خير محمد آريجا   ( ن ع آ )خير محمد آريجا شهر جي معزز شخصيت وڏيرو شير آريجو پنهنجي برادري سميت جي ڊي اي کي الودع چئي صوبائي وزير سهيل انور خان سيال جي ڀاءُ پ پ اڳواڻ طارق انور خان سيال جي اڳواڻي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ باضابطه طور شموليت جو اعلان ڪيو، پ پ اڳواڻ طارق انور خان سيال جو دهلن شرنائن ۽ گلن جي ورکا سان شاندار استقبال جڏهن ته پ پ اڳواڻن کي سنڌي ٽوپي اجرڪ ۽ گلن جا هار پڻ پرايا ويا .

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.