حيدرآباد ۾ گئس جي لوڊشيڊنگ، شهري عذاب هيٺ، احتجاج

حيدرآباد (رپورٽ:اعجاز چانڊيو) پاڪستان مسلم ليگ (ف) حيدرآباد پاران گئس جي اڻ اعلانيل لوڊ شيڊنگ خلاف ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن خلاف سخت نعريبازي ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. ان موقعي تي پاڪستان مسلم ليگ (ف) جي جنرل سيڪريٽري رفيق مگسي، نياز احمد ساند، سيد ماجد شاهه، احمد علي چانڊيو، غلام نبي ڪلهوڙو، نديم احمد، عمران قريشي، فدا حسين چانڊيو، آفتاب احمد لاڙڪ، محمد علي شاهه ۽ ٻين چيو ته حيدرآباد سميت سموري سنڌ ۾ گئس جو وڏو بحران آهي، جنهن سبب ماڻهن کي وقت تي هڪ ٽائيم جي ماني به سولي نموني نه ٿي ملي. ھنن چيو ته گئس نه هجڻ ڪري هوٽلن تي وڃون ٿا ته اتي ڪرونا آهي آخر عوام وڃي ته وڃي ڪاڏي، تبديلي سرڪار کي عوام ان لاءِ ووٽ ڏنو هو ته هو اقتدار ۾ اچي عوام جو رت چوسن ۽ گئس  نه ھجڻ باوجود  لکين روپيا بل موڪلين، جنهن بلن ۾ هزارين روپين جي ڊڊيڪشن لڳائي پئي وڃي. هنن چيو ته سوئي سدرن گئس ڪمپني حيدرآباد جو ريجنل ڊائريڪٽر گئس نه اچڻ جو سبب نه ٻڌائي سگهيو آهي ۽ نه ئي ميڊيا جي سامهون اچي ڪا ڳالهه ٻڌائي سگهيو آهي. ھنن چيو ته عمران خان ته وڏا وڏا واعدا ڪري آيو هو ته عوام کي وڏو رليف ڏيندس،  پر هتي ته گرمي ۾ بجلي نه آهي ۽ سياري ۾ گئس نه آهي،  جيڪو سنڌ سميت پاڪستان سان وڏو ظلم آهي، جڏهن ته 3 سال وفاقي حڪومت کي ٿيڻ وارا آهن پر سندن ڪارڪردگي زيرو آهي ۽ وفاقي وزير پاڻ ۾ وڙهڻ ۾ پورا آهن. هنن وفاقي حڪومت، سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سنڌ سميت پاڪستان ۾ گئس جي ٿيندڙ اڻ اعلانيل لوڊ شيڊنگ ختم ڪري اقتدار ۾ آڻيندڙ غريب عوام کي گئس جي فراهمي جاري ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي.  ۽ حيدرآباد سوئي سدرن گئس ڪمپني جي ڪرپٽ آفيسرن کي هٽائي اتي ايماندار آفيسر مقرر ڪيا وڃن ته جيئن شهر کي گئس ملي سگهي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.