ڪراچي جي يوسي 13 ۾ شهيد ڀٽو جي سالگره

گلشن اقبال (ن ع آ) يوسي 13 ۾ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگرھ تقريب منعقد ڪئي وئي. پي ايس 88 جي اميدوار ۽ اڳوڻي يوسي چيئرمين اي ڊي سومرو پاران ڪارڪنن سان گڏجي ڪيڪ ڪاٽيو. ڀٽائي آباد يوسي آفيس ۾ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 93 سالگرھ جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو تقريب ۾ پي ايس 88 جي اميدوار اي ڊي سومرو عالم پنھنور ذوالفقار سومرو اسدالله ٻرڙو قادر بھڻ زاھد شيخ ليڊيز اڳواڻ شڪيلا چانڊيو راڻي بلوچ سان گڏ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي اي ڊي سومرو چيو تھ پي ايس 88 جي سيٽ پنھنجي نالي ڪري پنھنجي تڪ جي عوام جي ڀرپور خدمت ڪندس سندس چوڻ ھو تھ پارٽي قيادت سينئير اڳواڻن کي نظرانداز ڪري رھي آھي.  تقريب ۾ سھيل راجپوت امان اللھ ڀٽو علي گل لغاري حيدر منگريو عدنان سومرو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.