چيلهار ۾ زمينن تي قبضا برقرار، انتظاميا تماشائي

چيلھار ( ن ع آ ) چيلھار جي آکاڻي پاڙو ويجھو قديمي راڻاسر ترائي جي آس پاس ايڪڙن جي حساب کان زمين خالي پيل ھُئي جتي شھر جي مختلف بيڀاڻي ڀيل پاڙو ڪنڀر پاڙو آکاڻي پاڙو سميت مختلف پاڙن جو مال ڀٽارو چرندو ھو اُنھي زمين تي آئوٽ سائيڊ جي رھيواسين راڻاسر ترائي ويجھو آکاڻي پاڙو واسين جي گھرن جي ھيٺ واري زمين تي گھرن جي آڙ وٺي غير قانوني قبضا ڪرڻ شروع ڪري ڏنا آھن جيڪا سلسلو ھلندڙ آھي چيلھار جي شھرين انتظاميان تي حيرت جو اظھار ڪندي چيو چيلھار ۾ جيڪا زمين خالي پيل آھي ان زمين کي اسان چيلھار واسي پنھنجي شھر جي زمين سمجھي ڇڏي ٿا ڏيو شھري پنھنجي حوالي نٿا ڪيون تڏھن آئوٽ سائيڊ جا رھيواسي چيلھار پھچي ڪجھ سفيد پوش شھري توڙي لڪيل قبضي ۾ ملوث چونڊيل نمائيندن جي سھاري گھر ٺاھئڻ جي آڙ ۾ غير قانوني قبضو ڪري ڪجھ ئي وقت ۾ ساڳئي زمين ڏوھاري قسم جي نامعلوم ماڻھن کي وڪرو ڪري ڏئي ڇڏن ٿا.  ضلعي انتظاميان کي گُھرجي تي راڻاسر ترائي مين عمرڪوٽ چيلھار روڊ تي ٿيندڙ آئوٽ سائيڊ جي رھيواسين جا نئوان قبضا بند ڪرائي قانوني طور نوٽيس ڏئي مٿس قبضي ڪرڻ جا ڪيس داخل ڪري زمين آجي ڪرائي وڃي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.