خيرپور ۾ اسٽيل مل جي نجڪاري خلاف احتجاجي مظاهرو

خيرپور ( ڊ ر ) پاڪستان ٽريڊ يونين ڊفينس ڪئمپين طرفان اسٽيل مل ڪراچي جي نجڪاري ڪرڻ  خلاف پريس ڪلب احتجاجي مظاهرو ڪيو،جنهن جي اڳواڻي انور پنهور،سعيد خاصخيلي،امجد لاشاري،اعجازعباسي، امداد خميساڻي،شهباز ڦلپوٽو،فياض عباسي، فراز رند، فياض خميساڻي،علي گوهر ڦلپوٽو، مختيار خميساڻي، عارب خان ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت اسٽيل مل ڪراچي جي نجڪاري ڪري سوين پورهيتن بيروزگار ڪري رهي آهي،جنهن جي خلاف اسان احتجاج ڪري رهيا آهيون،هنن چيو ته پاڪستان اسٽيل مل ڪروڙين ڪمائيندي هئي پر اڳوڻي حڪومت جي دور ۾ هڪ سازش تحت ڪرپٽ آفيسرن اسٽيل مل کي تباهي جي ڪناري تي پهچايو،پرافسوس ته انهن ڪرپٽ آفيسرن خلاف ڪابه ڪاروائي نه ڪئي پر پورهيتن کي بيروزگار ڪيو پيو وڃي، هنن مطالبو ڪيو ته اسٽيل مل کي پورهيتن کي بيروزگار ٿيڻ کان بچايو وڃي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.