بدين ۾ پير عالي شاهه عيدگاهه جو افتتاح

بدين (ڊ ر) پير عالي شاھ عيد گاه ٺھڻ جي اميد جاڳي پئي   پير عادل علي شاھ طرفان بدين جي شھرين کي اجازت ڏيڻ کان پوء شھرين جي طرفان تعميرات جي ڪم جي افتتاحي تقريب پير عالي شاھ عيد گاھ م ٿي جنھن م صوفي مولانا  نوراحمد ميمڻ  عبدالعزيز ميمڻ شاھنواز زرگر حاجي ولي محمد عمراڻي محمد عثمان مشتاق ميمڻ حاجي حنيف خاصخيلي اقب ۽ ٻين شھرين ۽ ديني شخصيتن شرڪت ڪئي ۽ قرآن خواني کان پوء ھڪ سادي پر پروقار تقريب م عيد گاھ جي تعميراتي ڪم جو افتتاح ڪيو ويو جنھن بعد پير عالي جي حويلي تي پڻ تعميراتي ڪميٽي جي گڏجاڻي ٿي جنھن م دعا کانپوء موقعي تي تعميرات لاء 11 لک روپيا چندو ڏنو ويو ھن موقعي تي ڪميٽي جي صدر حاجي عزيز ميمڻ چيو ته پھرين مرحلي م 5 فٽ ڀرائي چوديواري ۽ نماز لا۽ جا۽ جي تعمير جو ڪم شروع ڪيو ويو آھي جنھن ڪم کي رمضان شريف تائين مڪمل ڪيو ويندو عيد گاھ  جو ڪم شروع ٿيڻ سان شھرين ۾ خوشي جي لھر ڇائجي عوامي آواز ميڊيا گروپ به ھن عيد گاھ تي اسٽوري ڪئي جنھن بعد مرمتي ڪم شروع ڪيو ويو آھي ميونسپل ڪاميٽي بدين جي سي ايمون مقصود ملاح پوري شھر جي قبرستانن سرڪاري ملڪيتن ۽ شھر جي مک چوڪن کي گٽرن۾ تبديل ڪرڻ جو پلان شھرين ڪامياب ٿيڻَ نه ڏنو شھرين نا اھل لاپرواھ سي ايمون کي ھٽائڻ لاء ڊپٽي ڪمشنر بدين سميت اختيارن کي اپيل ڪئي آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.