نئون دمبالو ۾ سماجي تنظيم جو ڊپٽي ڊي ايڇ او خلاف احتجاج

نئون دمبالو ( ن ع آ  ) نئون دمبالو ۾ آل پاڪستان سماجي تنظيم جي اڳواڻن شھيد بينظير آباد ضلع جي ڊپٽي ڊي ايڇ او جي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي اڳواڻ مير محمد سولنگي، رمضان علي جروار، پپو جروار، فيض محمد لغاري،  جئمل داس ڀاڻو راٺوڙ ميڊيا سان ڳالهائندي چيو ته ڊپٽي ڊي ايڇ او امينا بروهي ڪرپشن جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آھن، سرڪاري دوائن جي وڪري کان وٺي هيٺين ملازمن کي هراس ڪري پئسا وٺي رهي آھي ۽ پنهنجي پٽ کي ڪرپشن جي  پئسي مان اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جي لا ٻئي ملڪ موڪليو ويو آھي، ڪرپٽ ڊپٽي ڊي ايڇ او جي ظلمن کان ننڊا ملازم  تمام گهڻو پريشان آھن،  اسان آل پاڪستان سماجي تنظيم جي پليٽ فارم تان مسلسل احتجاج ڪري رهيا آھيون پر افسوس جو ان جو ڪوبه نوٽس نه ورتو ويو آھي، اسان مطالبو ٿا ڪيون چيف جسٽس آف پاڪستان اينٽي ڪرپشن ۽ نيب کان ته ڊپٽي ڊي ايڇ او شھيد بينظير آباد امينا بروهي کي فوري طور هٽايو وڃي ۽ ان  خلاف قانوني ڪاروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.