نئون ڳوٺ لڳ سڱاوتي تڪرار تان جهيڙو، 4 زخمي

نئون ڳوٺ (  رپورٽ: رضوان علي ناريائي  ) نئون ڳوٺ ڀرسان ڳوٺ ڇٽو خان ڇڄڙو ۾ ڇڄڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٻيھر پراڻي سڱاوتي  تڪرار تان جھيڙو ڏنڊا ۽ ڪھاڙيون لڳڻ سبب ھڪ ڌر جو احسان ڇڄڙو زخمي ٻي ڌر جا محمد علي ۽ حاڪم علي ٻئي پٽ احمد خان ڇڄڙو سخت زخمي ٿي پيا زخمين کي شاھپنجو پوليس ڌرين کي ليٽر ڏئي تعلقه اسپتال ميھڙ روانو ڪيو ويو ھڪ ڄڻي جي حالت نازڪ ھجڻ سبب لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏھن ته شاہه پنجو ٿاڻي تي ٻنهي ڌرين ھڪ ٻئي خلاف اين سي داخل ڪرائي آھي ٻئي طرف محراب ڇڄڙو صحافين وٽ دانھيو ته 8 سال اڳ ساڳي ڌر سان جھيڙو ٿيو ھو جنهن ۾ ڌرين جا ماڻهو زخمي ٿيا ھئا ۽ ڌرين ھڪ ٻئي خلاف ڪيس داخل ڪرايا ھئا جنهن بعد ڳوٺ جي چڳي مڙس ڊي جي ھدايت الله ڇڄڙو وٽ فيصلو ٿيو جنهن ۾ حاڪم ڇڙو جي ڌر ڏوھي ثابت ٿي ان تي 15 لک ڏنڊ رکيو ويو ھو جن اسان کي چيڪ ڏنا جيڪي جالي نڪتا ۽ بيئڪ مان ميمو پڻ لڳرايو آھي ھاڻي ڪيس تان ھٿ کڻڻ لاءِ جوابدارن حاڪم لياقت فاروق ۽ محمد ڇڄڙو اوطاق تي اسان مٿان حملو ڪيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.