باڊهه ويجهو نوجوان جو وڻ ۾ڦاهو ڏنل لاش هٿ، معاملو ڳجهارت بڻيل

ڏوڪري/باڊهه (نمائندا)  باڊهه ويجهو نوجوان جو وڻ ۾ڦاهو ڏنل لاش هٿ، معاملو ڳجهارت بڻيل تفصيل موجب ڏوڪري ڀرسان نوجوان جو وڻ ۾ ڦاهو ڏنل لاش مليو آهي واقعو آپگهات يا قتل، معاملو ڳجهارت بڻيل آهي  ان ڏس ۾ ڏوڪري تعلقي جي ڳوٺ يعقوب جوڻيجو ۾ گهرن ڀرسان نوجوان ارشد جوڻيجو پٽ نثار احمد جوڻيجو جو وڻ ۾ ڦاهو ڏنل لاش مليو آهي واقعي واري هنڌ باڊھ پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي ڏوڪري اسپتال منتقل ڪيو. ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آھي ته نوجوان جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ آيو آهي واقعو قتل يا خودڪشي  ان بابت  جاچ ڪري رهيا آهيون وقت کان اڳ ڪجهه نه ٿو چئي سگهجي هوڏانهن نوجوان  جي وارثن جو چوڻ آھي ته نوجوان گهرو مسئلن تان گهر وارن سان ڪاوڙجي رات دير سان گهران نڪري وڻ ۾ ڳچي ۾  رومال ٻڌي خودڪشي ڪري ڇڏي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.