ڪوٽڏيجي لڳ لنگهه تان جهيڙو، ٻن عورتن سميت چار ڄڻا زخمي

ڪوٽڏيجي ( رپورٽ: ثناءُ الله بگٽي ) ڪوٽڏيجي جي ڳوٺ ڪوڙل شاھ ۾ گهٽي مان رستو بند ڪرڻ تان بڙدي برادري ۾ جهيڙو ٻن  عورتن سميت چار ڄڻا زخمي اسپتال داخل، جنهن بعد زخمي ڌر فرمان علي بڙدي، ساجد علي، مسمات سفيا زال اعجاز علي، مسمات حسينه زال محمد بخش بڙدي ڪاوش آفيس پهچي پنهنجي ئي برادري جي بااثرن جي ظلمن خلاف احتجاج ڪندي چيو ته احمد علي، نويد علي نعيم بڙدي ۽ ٻين اسان جو گهٽي مان رستو بند ڪري ان مٿان قبضو ڪري ڇڏيو آهي، گهٽي اسان جي زمين مان نڪتل آهي جنهن تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا، جنهن جو ڪيس به عدالت ۾ هلندڙ آهي، جنهن جي اڄ حاضري رکيل هئي ان باوجود اسان ۽ اسان جي عورتن مان مٿان حملو ڪري لٺن ۽ مڪن جو وسڪارو لائي ڏنو مسمات حسينا چيو ته گهٽي اسان جي آهي پر بااثر پنهنجي ظلمن جو ڏاڍ ڏيکاري گهٽي تي قبضو ڪري منهنجي پٽ فرمان مٿان تشدد ڪري رهيا جنهن کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي ته بااثرن مون کي به تشدد ڪري وارن کان وٺي گهليندا رهيا بااثرن اسان سان ظلم ڪيو آهي، ايس ايس پي خيرپور نوٽيس وٺي بااثرن خلاف ڪارروائي ڪري گهٽي مٿان ٿيل قبضو ختم ڪرائي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.