پيرڳوٺ لڳ گهر تي فائرنگ، لوڙهي کي باهه، ٻه پورهيت گرفتار

پيرجوڳوٺ (ن ع آ ) پيرجوڳوٺ لڳ ڳوٺ گلڻ پھنيار جي رھواسي مردن ۽ عورتن مسمات جندل، مسمات عائشه، محمد ڀاڳل پنھيار ۽  ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪيترن ئي احتجاجي مظاھرو ڪري دانھيندي ٻڌايو ته ڳوٺ جي بااثر اڱڻ خان پھنيار اسان جي زرعي زمين تي قبضو ڪري اربع واري رات جو ديرسان پنهنجن پٽن ۽ نامعلوم هٿياربندن سان اسان جي گهر تي حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني ۽ لوڙھي کي باھ ڏئي اسان کي ٻاھر نڪرڻ لاءِ چيو، اسين قتل ٿيڻ جي خوف کان ٻاھر نه نڪتاسين ۽ هٿياربند اڌ ڪلاڪ تائين فائرنگ ڪري علائقي ۾ خوف ڦھلائي فرار ٿيا، اهڙو اطلاع احمدپور ٿاڻي جي پوليس کي ڏنو پر ڪوبه کڙ تيل نه نڪتو، ويتر پوليس بااثرن جي فرياد تي اسان جي ٻن پورھيتن غلام حيدر ۽ محمد جمن پھنيار کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آھي، اڱڻ پنھيار اسان جي خلاف زمين ٽرامو بڻائي ڇڏي آھي، اسين مسڪين آھيون، هنن خدشو ڏيکاري ته بااثر اسان کي قتل ڪرائي ڇڏيندا، هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبوڪيو آھي ته اسان سان ٿيل ناجائزي جو نوٽيس وٺي گرفتار ٿيل ڳوٺاڻا آزاد ڪري بااثر خلاف ڪيس داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.