ڊگهڙي ڀرسان بااثر همراهه جو ڳلو ڪپي مرڻينگ ڪري فرار

ڊگهڙي (ن ع آ) ڊگهڙي باءِ پاس تي ٽريڪٽر شوروم تي ڪم ڪندڙ پورهيت ڳوٺ قائم رمداڻ جو رهواسي 45ورهين جي چوٿو ولد روجي  ولهي کي هڪ جوابدار تيز ڌار اوزار سان ڳلو ڪپي زخمي ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو. زخمي شخص کي فوري طور تي تعلقي اسپتال ڊگهڙي پهچايو ويو، جتي ڊاڪٽرن کيس طبي امداد فراهم ڪرڻ بعد حيدرآباد ريفر ڪري ڇڏيو. ٻي طرف باخبر ذريعن جوابدار دلدار ڀرڳڙي کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي، پوليس موجب واقعو ذاتي رنجش سبب پيش آيو آهي، فريادي ڌر جي اچڻ بعد ڪيس داخل ڪيو ويندو. آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.