ڀرياسٽي ويجهو پوليس چڙهائي، ڀڃ ڊاهه ۽ تشدد، 2 نوجوان گرفتار، احتجاج

ڀرياسٽي (رپورٽ : مجيد ڪيريو) ڀرياروڊ ڀرسان ڳوٺ  تي نواب شاهه پوليس اٽالن جي چڙهائي پوليس چادر ۽ چوديواري جو تقدس پئمال ڪندي گهر ڀاتين مٿان تشدد ڪندي ٻن نوجوان سميت ڪيترائي مال جا ڍور ڪاهي وئي انصاف فراهم ڪيو وڃي متاثر ڀرياروڊ ڳوٺ علي نواز ڪيريو ڀرسان خاصخيلي برادري جي ڳوٺ تي نواب شاهه پوليس جي اٽالن 10 پوليس موبائيلون ساڻ ڪري ٽامو خاصخيلي جي گهر تي چڙهائي ڪري چوپائي مال سميت مبينا طور ٻه نوجوان اياز خاصخيلي ۔ رياض حسين کي کنڀي کڻي گم ڪيو ويو ان سلسلي ڳوٺاڻن پيرسن عورتن مردن ٽامو خاصخيلي ممتاز خاصخيلي مسمات صحبت احتجاج ڪندي ٻڌايو ته گذريل رات صبح سوير نواب شاهه پوليس اٽالا ساڻ ڪري گهر اندر داخل ٿي چادر ۽ چوديواري جو تقدس پئمال ڪندي عورتن سميت معصوم ٻارڙن تي سخت تشدد ڪندي ٻه نوجوان کنڀي کڻي وئي آهي ۽ پوليس ڌاڙيلن جيان گهر اندر داخل ٿي 8 مال جي ڍور ڪاهي وئي آهي ۔ هنن ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن اڳ به پوليس اسان جا 23 ڍورپڻ ڪاهي وئي هئي ۔ ۽ اسان سان وڏو ظلم آهي هنن ٻڌايو ته پوليس مال جي پوري مزدا ڀرائي جيڪا سڀن ڳوٺاڻن پڻ ڏٺي آهي ۽ پوليس اهلڪار فائرنگ ڪندا حراسمنٽ ڦهلائي فرار ٿي ويا آهن۔ هنن چيو ته اسان غريب مسڪين آهيون هارپو ڪري پيٽ گذر ڪندا آهيون خبر ناهي پوليس ڪنهن جي ونگار وهي رهي آهي هنن آء جي سنڌ ۔ڊي آء جي شهيد بينظير آباد ۽ وس وارن کي اپيل ڪندي چيو ته خدارا پوليس جي ظلن کان بچايو وڃي نه تي ٻي صورت ۾ سڀ گهر ڀاتي پنهنجو پاڻ کي باهه ڏئي زندگين جا ڏيئا اجهائي ڇڏينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.