حيدرآباد ۾ پورهيتن جو اجرت لاءِ احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) متحده ليبر فيڊريشن سنڌ لاکڙا ڪول فيلڊ جي ڪارڪنن 4 مزدورن جي موت جو ٺيڪيدارن پاران معاوضو ادا نه ڪرڻ خلاف ۽ ڪوئٽه مچ واقعي خلاف حاجي امان الله خان، ڊاڪٽر جهان زيب يوسف زئي، امجد علي خان ۽ ٻين ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن چيو ته سنڌ ڪول مائننگ ڪمپني ليز 18 مخدوم محمد علي جي مائن نمبر 33 ۾ 11 نومبر 2020 تي هڪ حادثو پيش آيو جنهن ۾ 4 مزدور موت جو شڪار بڻجي ويا، جن جي ميتن کي سندن ابائي علائقن ڏانهن موڪلڻ لاءِ مزدورن چندو ڪيو، جڏهن ته سنڌ حڪومت توڙي ڪانٽريڪٽر محمد علي ڪنهن به قسم جي مدد نه ڪئي. جنهن ڪري لاکڙا ڪول مائنز جي مزدورن ۾ بيچيني ڦهليل آهي. هنن چيو ته ڪوئٽا مچ واقعي ۾ معصوم ماڻهن جي قتل عام جي اسين سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.