لاڙڪاڻي لڳ ڪتا بي قابو، ٻارن سميت 31 ڄڻا ڏاڙهجي زخمي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر ۽ آسپاس وارن علائقن ۾ رولو ڪتن جو آزار گهٽجي نه سگهيو، رولو ڪتن 15 ٻارن 2 عورتن سميت 31 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو جن ۾ 3 سالن جي رضيه بيبي ڌيءَ اعجاز علي، 4  سالن جو بلاول پٽ غلام مصطفيٰ، 5 سالن جو ايان پٽ دوست علي، 6 سالن جو سمير علي پٽ نديم علي، 7 سالن جو فراز پٽ فياض علي، 7 سالن جو ايان علي پٽ محمد رمضان، 9 سالن جو احسان پٽ رياض علي، 10 سالن جو صغير پٽ اشفاق علي، 10 سالن جو سليم پٽ رضا محمد، 10 سالن جي راحيل بيبي ڌيءَ ثناءَ الله، 10 سال جو عادل پٽ ليمون خان، 12 سالن جي سپنا بيبي ڌيءَ دلبر علي، 12 سالن جو مظفر پٽ علي دوست، 13 سالن جو حزب الله پٽ عبدالفتاح، 14 سالن جي رابيل خاتون ڌيءَ عبدالواحد، 15 سالن جو واجد پٽ اعجاز، 15 سالن جو وقار پٽ ذوالفقار علي، 18 سالن جو شير علي پٽ ذوالفقار علي، 20 سالن جو رافع پٽ انعام علي، 23 سالن جو آصف پٽ غلام مصطفيٰ، 24 سالن جو احسان علي پٽ سڪندر علي، 25 سالن جو قربان پٽ رجب علي، 30 سالن جي ستارا خاتون زال نور محمد، 30 سالن جي شام خاتون ڌيءَ عبدالغني، 30 سالن جو نديم علي پٽ منصور علي، 45 سالن جو احمد نواز پٽ شادي خان، 45 سالن جو علي اصغر پٽ لونگ خان، 50 سالن جو عبدالستار پٽ محمد پناهه، 55 سالن جو اعجاز پٽ علي محمد ۽ 65 سالن جو غلام اصغر پٽ محمد ڄام شامل آهن جن کي سندن وارثن ڌار ڌار زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ قائم اينٽي ربيز ويڪسين سينٽر آندو. سينٽر انتظاميه موجب رولو ڪتن جي چڪ سبب زخمي ٿيل سمورن زخمين جو واسطو لاڙڪاڻي شهر ۽ آسپاس وارن علائقن سان آهي جن کي ويڪسين ۽ ضروري علاج ڏئي گهر روانو ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.