ڪڍڻ ۾ پيءُ پٽ جي قتل جو 4 ڄڻن تي ڪيس

ڪڍڻ ( ن ع آ ) گذريل ڏينهن ڪڍڻ ڀرسان علي بندر روڊ تي هٿيار بند سڌي فائرنگ ڪري ڪوئيٽا واسي پي پٽ جاويد بروهي ۽ تنوير  بروهي کي قتل ڪري فرار ٿي ويا هئا، اهڙي واقعي جو ڪيس مقتول جاويد بروهي جي ڀاءُ احمد بروهي جي فرياد تي سندن ئي برادري جي ڪوئيٽا واسين چئن جوابدار سبيزل، شعيب، يوسف ۽ غلام محمد عرف غلام بروهي خلاف ڪڍڻ ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي،فريادي موجب مذڪوره جوابدارن سان پراڻو تڪرار هلندڙ آهي، اسان اٽڪل مهيني کن کان هتي ترسيل هياسين جڏهن ته مذڪوره جوابدار به پيڇو ڪندي هتي پهتا ۽ اسان جي همراهن کي قتل ڪري فرار ٿي ويا، جڏهن ته اڃان تائين ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه آئي آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.