مٺي ۾ نيٺ پوليس اهلڪار تي قتل ڪيس داخل، احتجاجي مظاهرو

مٺي (بيورو) مٺي ٿاڻي آڏو 4 ڏينهن جي مسلسل ڌرڻي بعد ڏيپلو واسي نوجوان ڏونگر ميگهواڙ ۽ سندس ساليءُ بڀيڪا جي مبينا قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو،فوتي ڏونگر جي ڀاءُ دادو ميگهواڙ جي فرياد تي  پوليس اي ايس آءِ گل محمد ساند خلاف قتل،گينگ ريپ،خون لڪائڻ جي ڏوھ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي،ڪيس ۾ قتل 302،گينگ ريپ 376،خون جو ڏوھ لڪائڻ 201 ۽ 34 پي پي سي جا قلم لڳايا ويا آھن،ڪيس ۾ پوليس اي ايس آءِ گل محمد ساند ۽ ٻين کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آھي،ڪيس داخل ٿيڻ بعد وارثن 4 ڏينهن کان ٿاڻي آڏو هنيل ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو،ڌرڻي ۾ شريڪ وارث ايف آءِ آر جي ڪاپي ملڻ تائين اڃان تائين ٿاڻي تي موجود رهيا،ڪاپي ملڻ بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو،اُنهي سلسلي سمترا منجياڻي رابطو ڪرڻ تي چيو آھي ته مقتولن جي قتل ۽ گينگ ريپ جو ڪيس داخل ٿي ويو آھي ان ڪري ڪيس جي ڪاپي ملڻ بعد ڌرڻون ختم ڪري روانو ٿيا آهيون،هن چيو ته ايس ايس پي ٿرپارڪر ۽ مقامي پوليس آفيسرن تي اعتماد نه آھي ڪيس جاچ ڪنهن ٻئي ضلعي جي پوليس آفيسر کي ڏيارڻ لاءِ لاڳاپيل اختيارين کي درخواست ڏيئي رهيا آھيون آھيون. ٻي پاسي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ خلاف ساند برادري پاران مولانا عزيزاللّه ساند،ممتاز علي ساند،عبدالستار ساند نالي مٺو ساند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ساند برادري طرفان احتجاجي  مظاهرو ڪيو ويو،مظاهري ۾ ڳالهائيندي مولانا عزيزاللّه ساند ۽ ٻين چيو ته ڀڀيڪا ۽ ڏونگرو واقعو ميڊيڪل رپورٽ ۾ خودڪشي آيو پر دٻاءُ جي ذريعي اي ايس آءِ گل محمد کي ملوث ڄاڻائي ايف آءِ آر ڪرائي وئي آھي،جيڪا سراسر ناجائزي آھي انهي وقت توڙي انهن ڏھن ڏينهن اندر هو مٺي به نه آيو نه ئي ڏونگرو سان ڪو سندس رابطو ظاهر ٿيو آھي پر انهي جي باوجود هروڀرو انهي کي سياسي دٻاءُ ذريعي ڦاسايو ويو آھي هنن چيو ته هڪڙي سازش تحت ٿرپارڪر ۾ فساد ڪرائڻ جي سازش ٿي رهي آھي جيڪا پرامن ٿرپارڪر جي لاءِ خطرناڪ آھي..

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.