ٺل واسي اي ايس آءِ جو قتل، جوابدار گرفتاري پيش ڪري ڇڏي

ٺل(ن ع آ )  ٺل جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد سيد امام علي شاهه گهٽي ۾ ٽي مهينا اڳ هٿياربندن جو پيڇو ڪندي اي ايس آءِ  عبدالرزاق گولو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ شهيد ٿي ويو هو،شهيد اي ايس آءِ عبدالرزاق گولو جي قتل ۾ ملوث هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو هو،جڏهن ته قتل ڪيس جو مک جوابدار عباس ڪنراڻي 3 مهينا روپوشي واري زندگي گذاري رهيو هو،جنهن ڪالھ شڪارپور جي دهشتگرد ٽوڙ عدالت ۾ پاڻمرادو گرفتاري پيش ڪري ڇڏي آهي،هوڏانهن عدالت سڳوري جوابدار کي جيل اماڻي ڇڏيو،ٺل پوليس موجب جوابدار جو گهيرو تنگ ڪيوسين تنهن بعد جوابدار پاڻمرادو گرفتاري ڏني آهي،جنهن کي جيل حوالي ڪيو ويو آهي،ياد رهي ته ٽي مهينا اڳ جوابدارن جو پيڇو ڪندي اي ايس آءِ عبدالرزاق گولو شهيد ٿي ويو هو،جنهن جي ڪيس ۾ گهربل جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي لاءِ پوليس ڪک ڀڄي ٻيڻو نه ڪيو،،پوليس پاران هڪ جوابدار عبدالشڪور سرڪي کي اڍائي مهينا اڳ ڳڙهي حسن مان گرفتار ڪيو هو،جوابدار غلام عباس ڪنراڻي جي گرفتاري جي لاءِ شهيد اي ايس آءِ عبدالرزاق گولو جي وارثن ۽ سندس برادري پاران ڪيترائي ڀيرا احتجاج ڪيا ويا، ٽن مهينن کانپوءِ شهيد جي ڪيس ۾ جوابدار پاڻمرادو پيش ٿيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.