باهو کوسو ويجهو ٻن ڌرين ۾جهيڙو، عورت اغوا ڪرڻ جو الزام

باهو کوسو (رپورٽ : باسط مرهيٽو) باهو کوسو ويجهو ٻن ڌرين ۾جهيڙو، عورت اغوا ڪرڻ جو الزام تفصيل موجب باهو کوسو ٿاڻي جي حد ڳوٺ شفقت جکراڻي ۾ سڱاوتي تڪرار تان گهنيا برادري جي ٻن ڌرين ۾جهيڙو ٿي پيو، فرياد کڻي ٿاڻي تي پهتل عورت شاهده زال قادر بخش گهنيو کي ٿاڻي مان جوابدار ڌر کڻي فرار ٿي ويا. قادر بخش گهنيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته محمد عمر گهنيو ملان رحمت الله گهنيو ۽ ميرڻ گهنيو گهر ۾ گهڙي عورتن ۽ ٻارن تي سخت تشدد ڪيو جنهن ۾ مٺل خاتون زال غلام قادر گهنيو آمنا خاتون زال عرض محمد گهنيو سخت زخمي ٿي پيا جن کي فرياد داخل ڪرائڻ لاءۡ ٿاڻي تي پهتا سون  ته جوابدارن پوليس سامهون ٿاڻي اندر شاهده کي زوري اغوا ڪري کڻي ويا. رابطو ڪرڻ تي ميرڻ خان گهنيو چيو مسلسل ٽن سالن کان منهنجي نياڻي شاهده کي قادر بخش قيد ڪيون ويٺو هو هن چيو ته شاهده باهو کوسو شھر اچي رهي هئي جنهن کي گهر وٺي ويس. هوڏانهن شاهده گهنيو چيو ته مونکي ڪنهن به زبردستي اغوا ڪونهي ڪيو مونکي پيڪين ملڻ ڪو نه ڏنو ويندو هو پنهنجي والد صاحب کي ڏٺو ته آئون پيڪين هلي ويس. رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او روشن الدين مزاري چيو ته شاهده زال قادر بخش ٿاڻي تي ڪو نه پهتي هوئي جنهن کي رستي مان پيءُ گهر وٺي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.