قومي اسيمبلي جي حڪومتي خاطرين بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (م ڊ ) قومي اسيمبلي جي حڪومتي خاطرين بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي ٻڌايو ويو آهي ته منگلا ڊيم مان جولاءِ 2021ع ۾ 1310 ميگاواٽ بجلي جي پيداوار شروع ٿي ويندي جڏهن ته ڪميٽي هدايت ڪئي آهي ته اين ايڇ اي موٽروي جي مسافرن کان هڪ ڀيرو ٽول ٽيڪس وصول ڪري، پي ٽي وي، ريڊيو، پاڪستان پوسٽ سميت ٻيا ادارا پنهنجي ملازمن کي بجيٽ اعزازيي جي ادائيگي يقيني بڻائين. ڪالهه اربع ڏينهن ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين ملڪ عامر ڊوگر جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ ڪميٽي جي ميمبرن سميت لاڳاپيل سرڪاري ادارن جي آفيسرن شرڪت ڪئي.  اسٽينڊنگ ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته منگلا ڊيم مان بجلي پيدا ٿيڻ جي اصل گنجائش هڪ هزار ميگاواٽ آهي جڏهن ته منگلا کي تازو ئي اونچو ڪرڻ جي ڪري ان ڊيم جي پاڻي کي ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش وڌي وئي آهي، جنهن جي ڪري وڌيڪ بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي. تنهن ڪري حڪومت ان منصوبي تي تيزي سان ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ جولاءِ 2021ع تائين منگلا ڊيم مان 1310 ميگاواٽ بجلي جي پيداوار شروع ٿي ويندي. اسٽينڊنگ ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته دنيا ۾ پهريون ڀيرو ائين ٿي رهيو آهي ته منگلا ڊيم جي ڪل 10 مان 8 يونٽن مان بجلي پيدا ٿي رهي آهي ۽ گڏوگڏ ٻن يونٽن جي مرمت ۽ ترقي (up – gradation) جو ڪم جاري آهي. اسٽينڊنگ ڪميٽي کي اهو ٻڌايو ويو ته 8 يونٽ، جيڪي چالو آهن، مان هن وقت 950 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪئي پئي وڃي. اسٽينڊنگ ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته ڪراچي کان اسلام آباد تائين 25 اهڙيون جايون آهن جتي ٽول ٽيڪس ورتو وڃي ٿو جنهن جي ڪري مسافرن کي تمام گهڻي ڏکيائي درپيش آهي. تنهن ڪري اسٽينڊنگ ڪميٽي نيشنل هاءِ وي اٿارٽي کي هدايت ڪئي ته ڪراچي کان اسلام آباد تائين هڪ ڀيرو ٽول ٽيڪس سفر ختم ٿيڻ وقت وصول ڪيو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ هڪ سافٽ ويئر ٺاهي ڪميٽي جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪيو وڃي. اسٽينڊنگ ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ٽيليويزن، ريڊيو پاڪستان ۽ ڊاڪخانا اڃا تائين پنهنجي انهن ملازمن کي اعزازيو ناهي ڏنو جن 19 – 2018ع ۽ 20 – 2019ع جي اجلاسن ۾ قومي اسيمبلي ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون هيون. تنهن ڪري اسٽينڊنگ ڪميٽي هدايت ڪئي ته لاڳاپيل ملازمن کي جلد کان جلد اعزازيو ڏئي قومي اسيمبلي کي رپورٽ ڏني وڃي. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت چيئرمين ملڪ محمد عامر ڊوگر ڪئي جڏهن ته حڪومتي خاطرين بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ميمبرن مجاهد علي، شيخ راشد شفيق، شگفته جماڻي، سيد مبين احمد، عثمان ابراهيم، سيد جاويد حسنين، محمد افضل کوکر، سيد جاويد علي شاهه جيلاني ۽ سائره بانو کانسواءِ شميم آرا پنهور، ايم اين اي/ محرڪ شرڪت ڪئي. پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد خان پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مواصلات واري سيڪريٽري کانسواءِ ڪيترن ئي اعليٰ آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي.

وفاقي وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (م ڊ ) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) نيشنل ٽيرف پاليسي 24 – 2019ع تحت 152 ٽيرف لائينز، جنهن ۾ گهڻو ڪري خام مال شامل آهي، تي 2 سيڪڙو ڪسٽم ڊيوٽي جي خاتمي ۽ گلستان بينظير ٽائون شپ پورٽ قاسم اٿارٽي ڪراچي ۾ بنيادي ڍانچي جي سهولتن، پاڻي جي سيوريج ۽ فراهمي جي نظام جي لاءِ ڪانٽريڪٽ ڏيڻ جي اصولي طور تي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اي سي سي پاسڪو کان خيبرپختونخواهه جي لاءِ 2 لک ميٽرڪ ٽن،  آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي لاءِ 80 هزار ميٽرڪ ٽن ۽ يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن آف پاڪستان جي لاءِ 2 لک 20 هزار ميٽرڪ ٽن اضافي ڪڻڪ جي فراهمي ۽ نئين فصل جي پيداوار حاصل ڪرڻ تائين اضافي ڪڻڪ جي درآمد جي منظوري پڻ ڏئي ڇڏي آهي.  ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ڪالهه اربع ڏينهن هتي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ گهرو وزير شيخ رشيد احمد، نجڪاري واري وفاقي وزير محمد ميان سومرو، منصوبابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير حماد اظهر، وزيراعظم جي واپار ۽ سيڙپڪاري واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، روينيو واري خاص معاون ڊاڪٽر وقار مسعود، پيٽروليم واري خاص معاون نديم بابر ۽ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير سيد فخر امام شرڪت ڪئي. اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر رضا باقر وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو. اجلاس ۾ واپار واري وزارت پاران نيشنل ٽيرف پاليسي 24 – 2019ع تحت 152 ٽيرف لائينز، جنهن ۾ گهڻو ڪري خام مال شامل آهي، تي 2 سيڪڙو ڪسٽم ڊيوٽي جي خاتمي بابت سمري پيش ڪئي وئي. اقتصادي رابطا ڪميٽي سمري جي منظوري ڏني ۽ ڪاروبار ۽ صنعتن جي لاءِ اهم مراعتن ۽ ترغيبات جي منصوبابندي ۾ بجيٽ جي سائيڪل کي نظر ۾ رکڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن مالي سال ۾ ان جي آسان لاڳو کي يقيني بڻائي سگهجي. اجلاس ۾ ميري ٽائيم افيئرز واري وزارت پاران گلستان بينظير ٽائون شپ پورٽ قاسم اٿارٽي ڪراچي ۾ بنيادي ڍانچي جي سهولتن، پاڻي جي سيوريج ۽ فراهمي جي نظام جي لاءِ ڪانٽريڪٽ ڏيڻ بابت سمري پيش ڪئي وئي، اقتصادي رابطا ڪميٽي پي ڪيو اي ايڪٽ 1973ع تحت سمري جي اصولي طور تي منظوري ڏني ۽ ميري ٽائيم افيئرز واري وزارت کي قانون موجب ڪانٽريڪٽ جاري ڪرڻ جي لاءِ طريقيڪار طئي ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت پاران خيبرپختونخواهه، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن آف پاڪستان کي اضافي ڪڻڪ جي فراهمي بابت تفصيلي سمري پيش ڪئي وئي. قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي سڄي ملڪ ۾ ڪڻڪ جي ذخيرن بابت آگاهه ڪيو. اقتصادي رابطا ڪميٽي درخواست موجب پاسڪو کان خيبرپختونخواهه جي لاءِ 2 لک ميٽرڪ ٽن، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي لاءِ 80 هزار ميٽرڪ ٽن ۽ يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن آف پاڪستان جي لاءِ 2 لک، 20 هزار ميٽرڪ ٽن اضافي ڪڻڪ جي فراهمي جي منظوري ڏني. اجلاس ۾ سمورين ڌرين کان راءِ وٺڻ کانپوءِ نئين فصل جي پيداوار حاصل ڪرڻ تائين اضافي ڪڻڪ جي درآمد جي منظوري پڻ ڏني وئي. ٽيڪسٽائيل اينڊ ايپرل پاليسي 25 – 2020ع ۽ نيشنل فريٽ اينڊ لاجسٽڪ پاليسي بابت سمريون ٺوس مشاورتي عمل جي لاءِ ايندڙ اجلاس تائين ملتوي ڪيون ويون. اجلاس ۾ خيبرپختونخواهه جي هيليڪاپٽرن جي لاءِ وڌيڪ پرزن جي خريداري جي ڏس ۾ دفاع واري وزارت لاءِ 3 ڪروڙ رپيا، سپريم ڪورٽ جي حڪمن موجب اضافي ڪورٽس قائم ڪرڻ جي ڏس ۾ قانون واري وزارت جي لاءِ 40 ڪروڙ 20 لک رپيا ۽ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي لاءِ آءِ ڊي اي ڪريڊٽ فيسليٽي تحت 2.268 ارب رپين جي فني ضمني گرانٽس جي منظوري ڏني وئي.

وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز سان ڪيوبا جي سفير جي الوداعي ملاقات

اسلام آباد  (م ڊ ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز سان ڪيوبا جي سفير گيبريل ٽيل ڪيپوٽ الوداعي ملاقات ڪئي جنهن ۾ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي  فراز ثقافت جي شعبي ۾ تعاون تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان عظيم ۽ گهڻ رخي ثقافتي ورثي جو امين آهي، ثقافت ۽ ميڊيا جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون مددگار ثابت ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان ۽ ڪيوبا جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپا قائم آهن. اطلاعات واري وزير 2005ع ۾ پاڪستان ۾ آيل زلزلي سبب بري طرح متاثر ٿيندڙ علائقن جي شاگردن کي طبي شعبي ۾ آڇ ڪيل اسڪالرشپ تي ڪيوبا جي سفير جا خصوصي طور تي ٿورا مڃيندي چيو ته پاڪستاني شاگردن جو وڏو انگ انهن طبي اسڪالرشپ مان فائدو حاصل ڪيو آهي، هن چيو ته ڪيوبا جي عوام هڪ باهمت قوم آهي جنهن راندين، موسيقي ۽ طب جي شعبن ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون، ڪيوبا جي سفير ڪيوبا ۽ ان جي عوام بابت اطلاعات واري وزير جي خيالن کي ساراهيو. ڪيوبا جي سفير ٻنهي ملڪن جي عوام جي گڏيل مفادن جي لاءِ ڪيوبا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ معاهدن تي عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻنهي ڌرين ڪوويڊ – 19 وبائي مرض جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي حڪومتن جي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اطلاعات واري وزير ڪيوبا جي سفير جي لاءِ پنهنجي مستقبل جي سفارتي ذميدارين جي حوالي سان نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ اميد ڪئي ته هو پاڪستان ۾ رهڻ دوران بهترين يادن کي گڏ رکندو. ملاقات ۾ اطلاعات ۽ نشريات جا اعليٰ عملدار شريڪ هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.