پي ڊي ايم ملڪ ۾ ريليون ڪڍڻ جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (م ڊ ) اپوزيشن پارٽين جي اتحاد (پي ڊي ايم) ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ريلين جو شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو آهي، مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي ميڊيا آفيس مطابق بنون ۾ اربع تي پي ڊي ايم جي ريلي کانپوءِ مالاڪنڊ ۾ 11 جنوري، لورالائي ۾ 13 جنوري، ٿرپارڪر ۾ 16 جنوري، ساهيوال ۾ 18 جنوري، خضدار ۾ 20 جنوري، فيصل آباد ۾ 27 ۽ سيالڪوٽ ۾ 30 جنوري تي ريليون ڪڍيون وينديون.

سينيٽ چيئرمين پاران خليج ملڪن جي سفارتي لاڳاپن جي بحالي تي خوشي جو اظهار

اسلام آباد (م ڊ ) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي خليج جي ملڪن جي سفارتي لاڳاپن جي بحالي تي خوشي جو اظهار ڪيو آهي. اربع ڏينهن سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته  سعودي عرب، قطر، يو اي اي، بحرين ۽ مصر لاڳاپن جي بحالي خطي لاءِ مثبت ثابت ٿيندي. هن چيو ته اسلامي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ غلط فهميون ختم ٿيڻ خوشي ۽ اطمينان جوڳو آهي، هن چيو ته گڏيل اختلاف ختم ڪرڻ لاءِ ٻنهي ملڪن جي قيادت مبارڪباد جي مستحق آهي ۽ مسلمان امت کي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ اتحاد ۽ يڪجهتي جي ضرورت آهي، سينيٽ جي چيئرمين چيو ته صرف غلط فهمي ۽ عمومي مسئلن جي ڪري مسلمان انتشار جو شڪار آهن، هن چيو ته تڪرارن کي ڳالهين جي ميز تي ئي حل ڪري سگهجي ٿو، هن چيو ته اسان جا مسئلا گڏيل آهن ۽ انهن جو حل به اسان کي گڏجي ڪڍڻو آهي ۽ سعودي عرب قطر لاڳاپن جي بحالي جا اثر سڄي خطي تي پوندا، سينيٽ چيئرمين چيو ته سڄو خطو هن وقت تڪرارن، گڏيل پريشاني، دهشتگردي، غربت ۽ ٻين مسئلن جي ور چڙهيل آهي ۽ اسلامو فوبيا جي مسئلي نوان چئلينج بيهاري ڇڏيا آهن، هن چيو ته ان منفي تاثر جي خلاف اسان کي گڏجي جدوجهد ڪرڻي پوندي ۽ سعودي عرب ۽ قطر سان لاڳاپن کي پاڪستان سدائين اهميت ڏني آهي، سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو ته سعودي عرب قطر لاڳاپن جي بحالي خطي جي ترقي ۾ هڪ نئين باب جي شروعات ڪندي، هن چيو ته پاڪستان جي حڪومت، پارليامينٽ ۽ عوام امن ۽ ترقي جي لاءِ انهن قدمن کي ساراهي ٿي ۽ آئون اميد ڪريان ٿو ته خليج جا سڀئي اڳواڻ پاڻ ۾ گڏجي يمن جي مسئلي جو حل به ڳوليندا ته جيئن اتي به پائيدار امن قائم ٿي سگهي ۽ خوشحالي جو دور شروع ٿئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.