جروار ويجهو ٻن ڌرين ۾جهيڙو، 3 ڄڻا زخمي

جروار (ن ع آ) جروار ويجهو ڳوٺ سلطان گبول ۾ گبول برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو جهيڙي سبب لٺيون لڳڻ ڪري هڪ ڌر جا 3 ڄڻا اختيار احمد, بهادر علي ۽ بشير احمد گبول سخت زخمي ٿي پيا زخمين کي جروار ٿاڻي تي آندو ويو جتان پوليس زخمين کي ليٽر ڏيئي سول اسپتال ميرپور ماٿيلو موڪلي ڇڏيو,هوڏانهن جروار ٿاڻي تي 10ڄڻن مٿان ابتدائي رپورٽ داخل ڪئي وئي آھي.

ميرپورساڪري مان سوزوڪي ڦر

ميرپور ساڪرو (ن ع آ)ميرپور ساڪري ٿاڻي جي حد سائين گولائي وٽان ھٿياربند ڌاڙيلن ماستر عبدالرحمان ٻارڻ جي نئي اي ايف آر اڇي ڪلر جي سوزڪي  گاڏي ڦر ڪري فرار ٿي ويا جڏهن ته ڊرائيور کي ڦورون ھٿ پير ٻدي غلام الله ڀرسان فٽو ڪري ويا ڦر جي وارداتن کانپو سياسي سماجي ڌرين ۾ تاءُ پکڙيل آهي،فوري ڦر واپس ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

لاڙڪاڻي پوليس جي 7 جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻو پوليس ڏوهارين خلاف ڪاروائيون ڪندي 7 جوابدارن کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.  ان سلسلي ۾ ڪالهه هٽڙي غلام شاهه پوليس مقتول وارث بروهي جي قتل ڪيس جي ٻن مُک جوابدارن موسو جتوئي ۽ ممتاز جتوئي کي، دڙي پوليس ٻن جوابدارن نواز لُهر ۽ عرفان لهر کي، تعلقه پوليس وڳڻ روڊ تان جوابدار صدام ڏيپر کي بغير لائسنس پسٽل سميت، وليد پوليس اشتهاري جوابدار معشوق چانڊيو کي ۽ رحمت پور پوليس پير مراد شاهه وٽان گٽڪا وڪرو ڪندڙ ظفر ڏيپر کي 10 پاڪيٽ گٽڪن سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس موجب گرفتار سمورن جوابدارن مٿان اهڙي نوعيت جا ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.