ڪنب ڀرسان ٻن ڌار ڌار واقعن ۾ عورت ۽ همراهه طرفان زهريلي دوا پي آپگهات ڪوشش، اسپتال داخل

ڪنري (ت ر)ڪنري ڀرسان ڳوٺ ناصرآباد ۾ 20 سالن جي جيٺي زال نارائڻ ڪولھي گھرو تڪرار سبب زھريلي دوا پي ورتي مبينا آپگھات جي ڪوشش ڪئي جنھن کي تعلقي اسپتال آندو ويو، ٻئي پاسي ڪنري لڳ ڳوٺ پليو خان رند ۾ ست ٻارن جي پيءُ 45 ورھين جي نانجي ولد مانو ڪولھي زھريلي دوا پي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي جنھن کي تعلقي اسپتال ڪنري آندو ويو، اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي ڪوششن بعد ٻنھي ڄڻن جي حياتي بچائي وئي آھي شروعاتي طور تي ٻنھي جي خودڪشين جي ڪوششن جو ڪارڻ گھرو تڪرار ٻڌايو پيو وڃي پر اصل ڪارڻ سامھون نه اچي سگھيو آھي ۽ پوليس پاران جانچ ڪئي پئي وڃي.

ڀرياسٽي ويجهو پير مٿان ٽرالر چڙهڻ سبب عورت زخمي

ڀرياسٽي (ن ع آ) ڀرياسٽي مين چوڪ تي پنڌ ويندڙ پيرسن عورت جي پير مٿان ٽرالر چڙھي وڃڻ سبب عورت سخت زخمي ۔ زخمي عورت کي شھرين فورن اسپتال منتقل  ڪيو ۔ جتي ڊاڪٽرن پاران فورن طبي امداد ڏيئي کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوشھروفيروز ريفر ڪري ڇڏيو ۔ ان سلسلي ۾ زخمي پيرسن عورت مسمات بيگم بروھي زال رضامحمد بروھي ٻڌايو ته ڳوٺ ور موري کان پٽ جي بيماري جي دوا وٺڻ لاء ڀرياسٽي آيس ته ٽرالر پير مٿان چڙھي ويو آھي ۔ جڏھن ته اطلاع تي ڀرياسٽي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي ٽرالر ڊرائيور کي ٽرالر سميت حراست ۾ وٺي ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.