ڪنڌرا پوليس جي ڪاهه، عورتن ۽ ٻارن تي تشدد، نوجوان گرفتار، احتجاج

سکر(رپورٽر) ڪنڌرا پوليس جي زيادتي گھر تي چڙھائي، عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد، عورت جو حمل ضايع، نوجوان گرفتار، متاثرن جو احتجاج، خبرموجب ڪنڌرا ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٽنڊو علي آباد جي رھواسي عورتن مردن ۽  ٻارڙن خان محمد ابڙو، راسطي خاتون، حمزا خان، پروين ابڙو ۽ ٻين سکر پريس ڪلب پھچي صحافين آڏو احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته 8 ڏينھن اڳ ڪنڌرا پوليس رحمت الله لوھر جي چوري ٿيل موٽر سائيڪل جو جواز ڄاڻائي گھر تي چڙھائي ڪئي جنھن دوران عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد جو نشانو بڻايو ويو جنھن ۾ مسمات پروين زال علي حيدر جو 8 مھينن جو حمل ضايع ٿي ويو، ھنن ٻڌايو ته پوليس چڙهائي دوران علي حيدر کي بلا جواز گرفتار ڪري کڻي وئي، جڏھن ته گھر اندر بيٺل 2 موٽرسائيڪلون به ڪاھي وئي آهي. ھاڻي پوليس زبردستي ڏوهه اسان مٿان مڙھي رھي آھي اسان جو ان سان ڪو به تعلق ناهي ھنن ٻڌايو ته صوبيدار نوجوان جي آزادي لاءِ ھڪ لک روپيه رشوت طلب ڪري رھيو آھي اسين غريب آھيون پئسن ڏيڻ جي سگهه ناهي. خدشو آهي ته پوليس اسان جي نوجوان کي ڪوڙي ڪيس ۾ نه ڦاسائي ڇڏي ھنن اعلي اختيارين کان اپيل ڪئي آهي ته معامري جو نوٽيس وٺي کين انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.